پاڪستان جي محمد يحييٰ جي 30 جبوتي ۾ ورلڊ ٽينس جو ڊبلز ٽائٽل کٽي ورتو

اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) جونيئر ٽينس ۾ هڪ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندي پاڪستان جي محمد يحييٰ ۽ سندس جوڙي دار امرت واتس آءِ ٽي ايف ورلڊ ٽينس ٽور جونيئرز جي 30 جبوتي جو ڊبلز ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل ۾ پاڪستان جي محمد يحييٰ ۽ سندس جوڙي دار امرت واتس شاندار راند جو مظاهرو ڪندي فائنل ۾ مخالف ٿائيلينڊ جي ڊيوڊ ايوايو ۽ سعودي عرب جي …

اسلام آباد- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) جونيئر ٽينس ۾ هڪ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندي پاڪستان جي محمد يحييٰ ۽ سندس جوڙي دار امرت واتس آءِ ٽي ايف ورلڊ ٽينس ٽور جونيئرز جي 30 جبوتي جو ڊبلز ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل ۾ پاڪستان جي محمد يحييٰ ۽ سندس جوڙي دار امرت واتس شاندار راند جو مظاهرو ڪندي فائنل ۾ مخالف ٿائيلينڊ جي ڊيوڊ ايوايو ۽ سعودي عرب جي احمد بهاء سروجي کي اسٽريٽ سيٽس 2-6، 4-6 تان شڪست ڏئي چيمپيئن شپ جو ٽائٽل کٽي ورتو. پاڪستان ٽينس فيڊريشن (پي ٽي ايف) جي صدر، سيڪريٽري جنرل ۽ پي ٽي ايف جي انتظاميا محمد يحييٰ کي ان شاندار ڪاميابي تي مبارڪون پيش ڪيون.