نواڪشوط- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) مورتانيه جي صدر محمد ولد شيخ الغزواني ڪابينه جي استعيفيٰ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي المختار ولداجي کي ٻيهر نئون وزيراعظم مقرر ڪندي نئين حڪومت جوڙڻ جي ذميواري سونپي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب صدارتي حڪمنامي ذريعي وزيراعظم جي ٻيهر مقرري ڪئي وئي. بعد ۾ هن صدارتي محل ۾ ساڻس ملاقات دوران نئين ڪابينه جي جوڙجڪ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات …
موريتانيه جي صدر ڪابينه جي استعيفيٰ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ المختار ولداجي کي ٻيهر وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
نواڪشوط- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) مورتانيه جي صدر محمد ولد شيخ الغزواني ڪابينه جي استعيفيٰ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي المختار ولداجي کي ٻيهر نئون وزيراعظم مقرر ڪندي نئين حڪومت جوڙڻ جي ذميواري سونپي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب صدارتي حڪمنامي ذريعي وزيراعظم جي ٻيهر مقرري ڪئي وئي. بعد ۾ هن صدارتي محل ۾ ساڻس ملاقات دوران نئين ڪابينه جي جوڙجڪ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات دوران المختار ولداجي چيو ته هن نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ تجويزون تيار ڪرڻ جو ڪم فوري طور تي شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته نئين حڪومت ۾ ضرور سياسي ۽ فني مهارت رکندڙ ماڻهن کي شامل هجڻ گهرجي ته جئين صدر جي پروگرام تي عملدرآمد جاري رکي سگهجي ۽ موجوده عالمي بحران جي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهجي. واضع رهي ته موريتانيه جي وزيراعظم المختار ولداجي جمعي تي صبح جو پنهنجي حڪومت جي استعيفيٰ صدر کي پيش ڪئي هئي. کيس پهريون ڀيرو 2 آگسٽ 2024ع تي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو هو.










