آمريڪي پابنديون انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش آهن: عالمي فوجداري عدالت

دي هيگ- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي فوجداري عدالت، آمريڪي پابندين کي انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها عدالت جو ڪم جاري رکڻ لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي فوجداري عدالت جمعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا پاران عدالت تي پابنديون قانون جي …

دي هيگ- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي فوجداري عدالت، آمريڪي پابندين کي انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته اها عدالت جو ڪم جاري رکڻ لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي. ميڊيا رپورٽن موجب عالمي فوجداري عدالت جمعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا پاران عدالت تي پابنديون قانون جي حڪمراني ۽ عالمي قانوني نظام جي بنيادن تي حملو آهن. عدالت جو اهو رد عمل آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ان اعلان کانپوءِ سامهو آيو آهي، جنهن ۾ هن عالمي عدالت تي وسيع پابنديون لاڳو ڪرڻ جي فيصلي جو ذڪر ڪيو هو. مارڪو روبيو چيو آهي ته، يا ته عالمي فوجداري عدالت پنهنجي قدمن کان پاسو ڪري يا آمريڪا ان کي ختم ڪري ڇڏيندو. هن اتحادي ملڪن کان پڻ مطالبو ڪيو ته اهي عدالت کي لغام ڏين، جن مان ڪيترائي ملڪ آءِ سي سي جا ميمبر آهن ۽ پنهنجي دفاع لاءِ آمريڪي فوجي اهلڪارن تي دارومدار رکن ٿا. آءِ سي سي واضع ڪيو آهي ته آمريڪي پابنديون عدالت کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ کان روڪي نه ٿيون سگهن.