دي هيگ- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيدرلينڊ جي حڪومت عالمي فوجداري عدالت جي حمايت جو اعلان ڪندي آمريڪي پابندين کي انتهائي افسوس جوڳو قدم قرار ڏنو آهي. نيدرلينڊ جي پرڏيهي وزير ڊچ ٽام بيرينڊسن آمريڪي پابندين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نيدرلينڊ عدالت جي دفاع لاءِ ثابت قدم رهندو. هن واضع ڪيو ته پابنديون فوري طور تي لاڳو نه ٿينديون ۽ خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا عدالت …
نيدرلينڊ جي حڪومت پاران عالمي فوجداري عدالت جي حمايت جو اعلان

مزید خبریں
دي هيگ- 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيدرلينڊ جي حڪومت عالمي فوجداري عدالت جي حمايت جو اعلان ڪندي آمريڪي پابندين کي انتهائي افسوس جوڳو قدم قرار ڏنو آهي. نيدرلينڊ جي پرڏيهي وزير ڊچ ٽام بيرينڊسن آمريڪي پابندين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نيدرلينڊ عدالت جي دفاع لاءِ ثابت قدم رهندو. هن واضع ڪيو ته پابنديون فوري طور تي لاڳو نه ٿينديون ۽ خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا عدالت سان سهڪار جاري رکي سگهن ٿا. يورپي يونين پڻ آمريڪي پابندين تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها عالمي فوجداري عدالت جي ڪم جي حمايت لاءِ ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.










