ايس ايم ايز، هائوسنگ ۽ زرعي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي ۾ بهتري سان روزگار، سيڙپڪاري، پيداوار ۽ مجموعي معاشي ترقي کي فروغ ملندو: وزيراعظم

اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هائوسنگ، ايس ايم ايز ۽ زرعي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي جي لاءِ بئنڪن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته ايس ايم ايز، هائوسنگ ۽ زرعي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي ۾ بهتري سان روزگار، سيڙپڪاري، پيداوار ۽ مجموعي معاشي ترقي کي فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف …

اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هائوسنگ، ايس ايم ايز ۽ زرعي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي جي لاءِ بئنڪن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته ايس ايم ايز، هائوسنگ ۽ زرعي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي ۾ بهتري سان روزگار، سيڙپڪاري، پيداوار ۽ مجموعي معاشي ترقي کي فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن ۽ زرعي شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ نمايان ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بئنڪن جي ڪوششن کي ساراهڻ جي لاءِ بئنڪن جي صدرن ۽ سي اي اوز جي وفد سان ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام، ايس ايم ايز ۽ زرعي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي جي لاءِ بئنڪن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروباري ادارا پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، انهن جي ترقي سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، حڪومت پاران شروع ڪيل انهن قدمن جو مقصد عام شهرين، ڪاروباري ماڻهن ۽ آبادگارن کي مالي وسيلن تائين پهچ فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته ايس ايم ايز، هائوسنگ ۽ زرعي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي ۾ بهتري سان روزگار، سيڙپڪاري، پيداوار ۽ مجموعي معاشي ترقي کي هٿي ملندي، قرضن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ شهرين جي فائدي جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ قرضن جي منظوري ۽ ادائيگي جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻائي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته زرعي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي آبادگارن جي معاشي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ غذائي تحفظ جي لاءِ انتهائي اهم آهي، ننڍي آبادگارن تائين مالي وسيلن جي پهچ کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن اهي جديد زرعي طريقا اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته زرعي نانسنگ جي ذريعي ننڍي آبادگارن تائين پهچ وڌائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ملڪ جي وڏي بئنڪ اها آهي جيڪا ننڍي آبادگارن جي پڻ بئنڪ هجي. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ معيشت جي رخ جي بهتري تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن چيو ته ترجيحي شعبن ۾ قرض مهيا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان ڀرپور تعاون بهتر بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم عوام کي پنهنجي گهر جو مالڪ بڻائڻ، ننڍي ڪاروبارن کي مالي وسيلا فراهم ڪرڻ ۽ آبادگارن جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ بئنڪاري شعبي جي تعاون تي ٿورا ادا ڪيا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پنهنجو گهر پروگرام تحت هيستائين 426 ارب رپين جي ماليت جا قرض منظور ٿي چڪا آهن، انهنم ان 76 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا آهن. مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ ان پروگرام تحت 125000 رهائشي يونٽس جي تعمير ۽ فراهمي جي لاءِ 700 ارب رپين جي فنانسنگ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قرضن جي منظوري ۽ رقم جي فراهمي جي وچ ۾ موجود فرق کي گهٽ ڪيو وڃي، ڇو ته شهرين کي حقيقي فائدو انهي وقت پهچندو جڏهن منظور ٿيل رقم انهن تائين وقت سر پهچندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيولپرز جي قرضن تائين پهچ جي لاءِ فريم ورڪ تي مشاورت جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايس ايم ايز شعبي ۾ اٽڪل 350862 ڪاروباري ماڻهن کي مجموعي طور تي 1137 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. جون 2027ع تائين قرضن جو ڪاٿو 1500 ارب رپيا ۽ فائدو کڻندڙ ڪاروباري ماڻهن جو انگ 565000 تائين پهچڻ جو هدف مقرر آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سيپٽمبر 2026ع جي پڄاڻي تائين زرعي قرضن جو ڪاٿو 1352 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته 3455313 ماڻهو ان سهولت مان فائدو کڻي رهيا آهن. جون 2027ع تائين زرعي قرضن جو ڪاٿو 1500 ارب رپيا ۽ فائدو کڻندڙ آبادگارن جو انگ 45 لک تائين پهچڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد سان گڏوگڏ نيشنل بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، حبيب بئنڪ، ميزان بئنڪ، بئنڪ الفلاح، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ، بئنڪ آف پاڪستان، بئنڪ اسلامي ۽ هائوسنگ بلڊنگ فنانس ڪارپوريسن جي صدرن ۽ سي اي اوز سان گڏ لاڳاپيل اعلى عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.