رٿابندي واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ استحڪام، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سخت قدمن جي هدايت

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان مقصد لاءِ مارڪيٽ جي مسلسل نگراني ۽ ناجائز منافعي خوري خلاف موثر ڪارروائي يقيني بڻائي پئي وڃي. جمعي ڏينهن قومي قيمتن جي نگراني جي حوالي سان وفاقي وزير …

اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ استحڪام برقرار رکڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان مقصد لاءِ مارڪيٽ جي مسلسل نگراني ۽ ناجائز منافعي خوري خلاف موثر ڪارروائي يقيني بڻائي پئي وڃي. جمعي ڏينهن قومي قيمتن جي نگراني جي حوالي سان وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مهانگائي جي صورتحال ۽ بازارن ۾ عام واهپي جي شين جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هول سيل ۽ ريٽيل قيمتن جي فرق تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ ڪڻڪ جي اٽي، عام واهپي جي کاڌي پيتي وارين شين ۽ مائع پيٽروليم گئس (ايل پي جي) جي ذخيرو اندوزي، منافعي خوري ۽ ناجائز قيمتن ۾ اضافي خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جا ثمر سڌي ريت پاڪستاني آبادگارن ۽ عوام تائين پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن ڊي اي پي ڀاڻ جي عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو حوالو ڏيندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ملندڙ رليف کي مقامي سطح تي منتقل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن آبادگارن کي ان جو حقيقي فائدو پهچي سگهي. وفاقي وزير وڌيڪ واضح ڪيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڦيرڦار کانپوءِ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ غير منصفاڻي اضافي کي برداشت نه ڪيو ويندو. لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته ڀاڙن جي نگراني ڪن ۽ عوام تي اضافي مالي بار وجهندڙن خلاف ضابطي موجب ڪارروائي يقيني بڻائين. هن چيو ته عوامي مفادن جو تحفظ، عام واهپي جي شين جي مناسب قيمتن تي دستيابي ۽ ناجائز منافعي خوري جي روڪٿام حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ان مقصد لاءِ مارڪيٽ تي اثرائتي نگراني ۽ قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جا قدم جاري رکيا ويندا.