راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڳجهي معلومات تي ٻڌل ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق ٿيل اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 7 خوارجي مارجي ويا. ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار ۽ …
سيڪيورٽي فورسز پاران اتر وزيرستان ۾ آپريشن، فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

مزید خبریں
راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڳجهي معلومات تي ٻڌل ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق ٿيل اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 7 خوارجي مارجي ويا. ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو. ان کانسواءِ عزم استحڪام ويزن تحت ڪيل موثر ڪاررواين دوران فتنه الخوارج جا ڪيترائي ڳجها ٺڪاڻا به مڪمل طور تي تباهه ڪيا ويا. علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون بنا رنڊڪ جي جاري رهنديون.










