اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قانون ۽ انصاف واري وزارت فيڊرل سروس ٽربيونل کي بهتر انتظامي ۽ مالي مدد فراهم ڪندي ته جيئن التوا ۾ پيل اپيلن جي جلد ۽ شفاف فيصلن کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن نئين مقرر …
سرڪاري ملازمن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي: وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قانون ۽ انصاف واري وزارت فيڊرل سروس ٽربيونل کي بهتر انتظامي ۽ مالي مدد فراهم ڪندي ته جيئن التوا ۾ پيل اپيلن جي جلد ۽ شفاف فيصلن کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن نئين مقرر ٿيل فيڊرل سروس ٽربيونل جي چيئرمين راڻا اسد الله خان سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير پاران راڻا اسد الله جي فيڊرل سروس ٽربيونل جي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ فيڊرل سروس ٽربيونل جي انتظامي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، سرڪاري ملازمن جي سروس معاملن ۽ التوا ۾ پيل اپيلن جي جلد ۽ شفاف فيصلن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت سروس ٽربيونل کي گهربل انتظامي ۽ مالي مدد فراهم ڪندي ته جيئن انصاف جي فراهمي جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. فيڊرل سروس ٽربيونل جي چيئرمين راڻا اسد الله خان تعاون جي خاطري تي وفاقي وزير جو ٿورو مڃيندي چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ ميرٽ تي ٻڌل فيصلن لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آنديون وينديون. هن چيو ته التوا ۾ پيل ڪيسن کي جلد اڪلائڻ لاءِ ڊجيٽل اپيل مينيجمينٽ سسٽم کي وڌيڪ فعال بڻايو ويندو جنهن سان ڪيسن جي موثر نگراني ۽ فيصلن جي عمل کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.










