مواصلات ۽ توانائي وارن وفاقي وزيرن جي صدارت ۾ اجلاس، ڪيرڪ ٽرنچ III منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو

اسلام اباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري  جي درخواست تي  ڪيرڪ ٽرنچIII منصوبي تي اڳڀرائي ۽ درپيش معاملن جي حل لاءِ  اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن جي صدارت مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ڪئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اجلاس ۾ راجنپور، ڊيره غازي خان ۽ ڊيره اسماعيل خان …

اسلام اباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري  جي درخواست تي  ڪيرڪ ٽرنچIII منصوبي تي اڳڀرائي ۽ درپيش معاملن جي حل لاءِ  اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن جي صدارت مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ڪئي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اجلاس ۾ راجنپور، ڊيره غازي خان ۽ ڊيره اسماعيل خان وچ ۾ رابطا بهتر بڻائڻ لاءِ جاري منصوبن جي چئن حصن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئر مين منصوبي تي عملدرآمد واري صورتحال تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري منصوبي تي اڳڀرائي تيز ڪرڻ، لاڳاپيل معاملن کي اثرائتي طريقي سان اڳيان وڌائڻ ۽ درپيش مسئلن جي فوري طور تي حل لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڀريو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن پن شرڪت ڪئي.