اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اتر وزيرستان ۾ خارجين خلاف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي 7 خارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ تي فورسز جي پيشوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي. جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. سيڪيورٽي فورسز اتروزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اتر وزيرستان ۾ خارجين خلاف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، اتر وزيرستان ۾ خارجين خلاف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي 7 خارجين کي جهنم حوالي ڪرڻ تي فورسز جي پيشوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي. جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقتائتي ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. سيڪيورٽي فورسز اتروزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندي سندن ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو . دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون واکاڻ جوڳيون آهن. قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











