اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڊجيٽل سهڪار، فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪ جي توسيع، جديد انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي تربيت ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي شعبي ۾ صلاحيتن ۾ اضافي جون ڪوششون پاڪستاني نوجوانن لاءِ ترقي، هنرمندي ۽ عالمي روزگار جا نوان امڪان پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. سي پيڪ اختيارين مطابق چين جي جديد ٽيڪنالاجي تجربن ۽ …
پاڪ- چين ڊجيٽل شراڪتداري، پاڪستاني نوجوانن لاءِ اي آءِ ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ ترقي جا نوان موقعا

مزید خبریں
اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڊجيٽل سهڪار، فائبر آپٽڪ نيٽ ورڪ جي توسيع، جديد انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي تربيت ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي شعبي ۾ صلاحيتن ۾ اضافي جون ڪوششون پاڪستاني نوجوانن لاءِ ترقي، هنرمندي ۽ عالمي روزگار جا نوان امڪان پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. سي پيڪ اختيارين مطابق چين جي جديد ٽيڪنالاجي تجربن ۽ پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت مان فائدو کڻندي ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. سي پيڪ تحت ڊجيٽل رابطن ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي سان نه رڳو انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي سهولتون بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي پر تعليم، ڪاروبار، فري لانسنگ، سافٽ ويئر ڊويلپمينٽ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل خدمتن جي شعبن ۾ به نوان موقعا سامهون اچي سگهن ٿا. اي آءِ، ڊيٽا سائنس، سائبر سيڪيورٽي، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ جديد آءِ ٽي مهارتن جي تربيت نوجوانن کي بدلجندڙ عالمي ڊجيٽل معيشت جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. چين جي تربيتي تجربن ۽ فني مهارتن مان فائدي ذريعي پاڪستاني نوجوانن جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي بهتر بڻائڻ جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ تربيتي پروگرامن، تعليمي ادارن جي شراڪت، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ عملي مهارتن تي ٻڌل منصوبن کي موثر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ ضروري آهي. پاڪ – چين ڊيجيٽل شراڪتداري نوجوانن کي جديد مهارتن سان آراسته ڪرڻ، پاڪستان جي آءِ ٽي جو روانگي واپار وڌائڻ ۽ علم ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت جو بنياد مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.











