قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ظفرالله خان سان والده جي وفات تي تعزيت

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ظفرالله خان سان والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر بئريسٽر ظفرالله جي گهر وڃي سندس والده جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. سردار اياز صادق چيو ته والده جو وڇوڙو هڪ وڏو نقصان ۽ گهرو صدمو آهي. …

اسلام آباد- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ظفرالله خان سان والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق اسپيڪر بئريسٽر ظفرالله جي گهر وڃي سندس والده جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. سردار اياز صادق چيو ته والده جو وڇوڙو هڪ وڏو نقصان ۽ گهرو صدمو آهي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو بئريسٽر ظفرالله ۽ سندس ڪٽنب جي ڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن الله تعاليٰ کان مرحومه جي مغفرت ۽ پوئنرن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.