اکين جو نور بچائڻ لاءِ وقت سر سڃاڻپ ۽ معياري علاج ضروري آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي: ڪمشنر حيدرآباد

حيدرآباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي چيو آهي ته اکين جي نور جو تحفظ، بيمارين جي وقت سر سڃاڻپ ۽ معياري علاج تائين پهچ ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي، جڏهن ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪميونٽي سطح تي اکين جي علاج ۽ سار سنڀال جون سهولتون مضبوط ڪرڻ ۽ اهي ضرورت مند ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ اهڙن قدمن …

حيدرآباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي چيو آهي ته اکين جي نور جو تحفظ، بيمارين جي وقت سر سڃاڻپ ۽ معياري علاج تائين پهچ ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي، جڏهن ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪميونٽي سطح تي اکين جي علاج ۽ سار سنڀال جون سهولتون مضبوط ڪرڻ ۽ اهي ضرورت مند ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ اهڙن قدمن جي ڀرپور سهائتا ڪندي.اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ انسٽيٽيوٽ آف آپٿلمالاجي اينڊ وجوئل سائنسز  حيدرآباد پاران  سال 2026ع جي اکين جي نور جي عالمي ڏينهنِ جي موقعي تي اداري جي احاطي ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪمشنر تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.فياض حسين عباسي چيو ته اکين جي بيمارين جي وقت سر سڃاڻپ، شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص ۽ مناسب علاج ذريعي بينائيءَ جي درپيش خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ متاثر ماڻهن کي بروقت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. هن زور ڀريو ته اکين جي بيمارين کان بچاءَ ۽ قابلِ روڪ بينائيءَ ۾ گهٽتائي لاءِ صحت جي ادارن ۽ سهڪاري تنظيمن وچ ۾ گڏيل رابطن ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، جيئن اکين جي احتياطي سار سنڀال بابت جاڳرتا وڌائڻ سان گڏ علاج جون سهولتون عام ماڻهن تائين پهچائي سگهجن.ڪمشنر حيدرآباد اکين جي بيمارين جي علاج ۽ قابلِ روڪ بينائيءَ بابت عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ايس آءِ او وي ايس جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ڪميونٽي سطح تي اثرائتا قدم کڻڻ ۽ لاڳاپيل ادارن جي گڏيل سهڪار سان بينائيءَ جي تحفظ واري مقصد کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. تقريب جي شروعات ايس آءِ او وي ايس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر خالد اقبال ٽالپر جي آجياڻي واري خطاب سان ٿي. هن پاڪستان ۾ نظر جي ڪمزوري ۽بينائيءَ جي مسئلن تي روشني وجهندي چيو ته وقت سر اکين جي جاچ، شروعاتي تشخيص، مريضن کي لاڳاپيل طبي مرڪزن ڏانهن موڪلڻ، علاج ۽ بحاليءَ جون سهولتون فراهم ڪرڻ انتهائي اهم آهن. تقريب ۾ ايس ايس پي نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروي پوليس اجمل خان کوسو، ايس آءِ او وي ايس جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر خالد اقبال ٽالپر ۽ سهڪاري ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ هينڊز سميت ڪميونٽي صحت ۽ اکين جي سار سنڀال جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن جا نمائندا پڻ شامل هئا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي سنڌ ۾ ڪميونٽي سطح تي اکين جي سار سنڀال جون سهولتون وڌيڪ اثرائتيون بڻائڻ، بيمارين جي وقت سر سڃاڻپ ۽ علاج کي هٿي ڏيڻ ۽ بينائيءَ  کان بچائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو.