ڪراچي- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ حضرت قطب عالم شاهه بخاريؒ جي مزار تي حاضري ڀري، چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪرڻ کانپوءِ 8 کان 11 آڪٽوبر تائين جاري رهندڙ سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو هيومن سيٽلمينٽ، اسپيشل ڊولپمينٽ ۽ سوشل هائوسنگ کاتي …
صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ پاران حضرت قطب عالم شاهه بخاريؒ جي مزار تي حاضري، چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني بعد سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقاعده افتتاح

مزید خبریں
ڪراچي- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ حضرت قطب عالم شاهه بخاريؒ جي مزار تي حاضري ڀري، چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪرڻ کانپوءِ 8 کان 11 آڪٽوبر تائين جاري رهندڙ سالياني عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو هيومن سيٽلمينٽ، اسپيشل ڊولپمينٽ ۽ سوشل هائوسنگ کاتي بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم پڻ صوبائي وزير سان گڏ موجود هو. لياري ٽائون جي چيئرمين خليل هوت مزار تي پهچڻ تي صوبائي وزير ۽ ٻين عملدارن جي سنڌي اجرڪ پارائي آجيان ڪئي.تقريب ۾ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ مختيار علي ابڙو، ڊائريڪٽر مذهبي معاملا سنڌ شوڪت علي اڄڻ، ايڊمنسٽريٽر اوقاف ڪراچي عبدالحميد مغل، درگاهه جو مئنيجر، اوقاف کاتي جا لاڳاپيل آفيسر ۽ ٻيو عملو پڻ موجود هو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازيءَ چيو ته حضرت قطب عالم شاهه بخاريؒ سميت اولياءِ ڪرام جون درگاهون روحاني عقيدت، امن، ڀائيچاري، رواداري ۽ مذهبي هم آهنگيءَ جا اهم مرڪز آهن. سنڌ جي صوفي روايتن جو بنيادي پيغام محبت، برداشت، امن ۽ انسانيت آهي، جنهن کي هٿي وٺرائڻ سان معاشري ۾ گڏيل احترام ۽ مذهبي هم آهنگيءَ کي هٿي ملي ٿي. هن چيو ته عرس مبارڪ ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ زائرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ، سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جا مناسب انتظام ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جيئن عقيدتمندن کي محفوظ، پرسڪون ۽ بهتر ماحول فراهم ڪري سگهجي.صوبائي وزير اوقاف کاتي جي عملدارن ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ته عرس مبارڪ دوران زائرين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ سمورن انتظامن جي مسلسل نگراني پڻ يقيني بڻائي وڃي. اوقاف کاتي جي ترجمان موجب عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ 9 آڪٽوبر تي جمعي ڏينهن عشاءَ جي نماز کانپوءِ خاص محفلِ نعت منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته 10 آڪٽوبر تي ظهر جي نماز کانپوءِ مدرسه البخاري جي شاگردن وچ ۾ حسنِ قرات، نعت ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويندا. ساڳئي ڏينهن عشاءَ جي نماز کانپوءِ محفلِ سماع جو اهتمام ڪيو ويو آهي.ترجمان موجب عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن 11 آڪٽوبر تي عشاءَ جي نماز کانپوءِ محفلِ سماع ۽ قل شريف جي خاص تقريب منعقد ٿيندي.











