نوجوان آفريقي فٽ بالرز کي عالمي سطح تي اڳتي وڌڻ جا وڌيڪ موقعا ملڻ گهرجن: فيفا جو صدر

پرايا- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) فيفا جي صدر جياني انفينٽينو نوجوان آفريقي فٽبالرز کي عالمي سطح تي صلاحيتن جي اظهار جي وڌيڪ موقعن تي زور ڀريندي چيو آهي ته رانديگرن جو مستقبل سندن پيدائش واري هنڌ تائين محدود نه هجڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪيپ وردي جي ٻيٽ سال ۾ آفريقي فٽ بال ڪنفيڊريشن جي حڪمت عملي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي جياني انفينٽينو چيو ته آفريقي رانديگرن …

پرايا- 09 آڪٽوبر (اي پي پي) فيفا جي صدر جياني انفينٽينو نوجوان آفريقي فٽبالرز کي عالمي سطح تي صلاحيتن جي اظهار جي وڌيڪ موقعن تي زور ڀريندي چيو آهي ته رانديگرن جو مستقبل سندن پيدائش واري هنڌ تائين محدود نه هجڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪيپ وردي جي ٻيٽ سال ۾ آفريقي فٽ بال ڪنفيڊريشن جي حڪمت عملي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي جياني انفينٽينو چيو ته آفريقي رانديگرن جي صلاحيتن عالمي فٽبال تي گهرا اثر وڌا آهن ۽ انهن صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ اثرائتا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آجي. هن ٻڌايو ته فيفا گذريل 10 سالن دوران پنهنجي ترقياتي پروگرام تحت آفريقي فٽبال لاءِ اٽڪل هڪ ارب آمريڪي ڊالرn جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن عالمي ڪپ ۾ ڪيپ وردي جي قومي ٽيم، جنهن کي بليو شارڪس جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، جي جذبي ۽ ثابت قدمي کي به ساراهيو. آفريقي فٽ بال ڪنفيڊريشن جي صدر پيٽريس موتسيپي چيو ته فٽبال جي ترقي لاءِ قومي فٽ بال ايسو سي ايشنز، حڪومتن ۽ راندين وارين وزارتن وچ ۾ سهڪار ضروري آهي. واضح رهي ته ڪانفرنس ۾ سال 2026ع جي عالمي ڪپ ۾ آفريقي ٽيمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ سال 2030ع جي عالمي ڪپ جي تيارين جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.