سعودي عرب ۾ ٻي اسٽيم سيل ٿراپي ڪانفرنس 23 آڪٽوبر کان رياض ۾ شروع ٿيندي

رياض- 09 آڪٽوبر (اي پي پي)سعودي عرب ۾ ٻي اسٽيم سيل ٿراپي ڪانفرنس 23 آڪٽوبر کان رياض ۾ شروع ٿيندي، جيڪا 24 آڪٽوبر تائين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياض جي الفيصل يونيورسٽي ۾ ”اسٽيم سيل ٿراپي؛ اي پيراڊائيم شفٽ ان ٽريٽمينٽ اينڊ اٽس رول ان ريجزيٽيو ميڊيسن“ جي موضوع سان منعقد ٿيندڙ ٻي ڪانفرنس ۾ تحقيق ڪندڙ ۽ طبي ماهر جائزو وٺندا ته جينياتي ۽ خلياتي علاج کي ڪهڙي …

رياض- 09 آڪٽوبر (اي پي پي)سعودي عرب ۾ ٻي اسٽيم سيل ٿراپي ڪانفرنس 23 آڪٽوبر کان رياض ۾ شروع ٿيندي، جيڪا 24 آڪٽوبر تائين جاري رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رياض جي الفيصل يونيورسٽي ۾ ”اسٽيم سيل ٿراپي؛ اي پيراڊائيم شفٽ ان ٽريٽمينٽ اينڊ اٽس رول ان ريجزيٽيو ميڊيسن“ جي موضوع سان منعقد ٿيندڙ ٻي ڪانفرنس ۾ تحقيق ڪندڙ ۽ طبي ماهر جائزو وٺندا ته جينياتي ۽ خلياتي علاج کي ڪهڙي طرح طبي علاج ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڪانفرنس ۾ تحقيق ڪندڙ، ڊاڪٽرز، ماهر ۽ انو ويٽرز شرڪت ڪندا. سائنسي پروگرام ۾ اسٽيم سيل بائيولاجي، جسم ۾ ٻيهر واڌ ويجهه جي طريقيڪار، خلياتي علاج ۽ ڪلينيڪل ٽرائلز شامل هوندا جن ۾ علاج جي حفاظت ۽ اثرائيت جا معيار به بحث هيٺ ايندا. سيشنز ۾ جين ٿراپي، سيل انجنيئرنگ ۽ جين ۾ تبديلي جي جديد ٽيڪنالاجيز، جن ۾ ڪلسٽر ريگيولرليانٽر اسپيسڊ شارٽ پيلن ڊرومڪ ريپيٽس به شامل آهي، جو جائزو ورتو ويندو. لائف اسٽائل مطابق علاج ۽ جينومڪس به ڪانفرنس جي اهم موضوعن ۾ شامل هوندا. الفيصل يونيورسٽي گذريل سال سيپٽمبر ۾ رياض ۾ پهرين عالمي اسٽيم سيل ٿراپي ڪانفرنس جي به ميزباني ڪئي هئي. ڪانفرنس جو ٻيون ايڊيشن اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن سعودي عرب ۾ خلياتي علاج جي مقامي تياري ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي.