راولپنڊي - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا ۾ ”عزم استحڪام“ ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڀرپور ۽ اثرائتيون ڪارروائيون ڪندي 4 اهم ڪمانڊرز سميت 9 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. اهي ڪارروائيون تصديق ٿيل انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪيون ويون. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقن پلنگ زئي، نديم ڪوٽ ۽ ڪوٽ حضري ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي …
سيڪيورٽي فورسز پاران اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 4 اهم ڪمانڊرز سميت 9 دهشتگرد جهنم ڀيڙا

مزید خبریں
راولپنڊي – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا ۾ ”عزم استحڪام“ ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڀرپور ۽ اثرائتيون ڪارروائيون ڪندي 4 اهم ڪمانڊرز سميت 9 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. اهي ڪارروائيون تصديق ٿيل انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪيون ويون. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقن پلنگ زئي، نديم ڪوٽ ۽ ڪوٽ حضري ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڳجها ٺڪاڻا مڪمل طور تباهه ٿي ويا. مارجي ويل اهم خارجي ڪمانڊرز ۾ خالد رضا، ڪامران موسيٰ ۽ مفتوم شامل آهن. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار ۽ ڌماڪي دار مادو به هٿ ڪيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن عنصرن ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون پوري قوت سان جاري رهنديون.











