پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان اعتمادسازي، اختلافن کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ سمورين ڌرين سان تعميري رابطن جي عزم تي قائم آهي. …

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سيڪيورٽي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان اعتمادسازي، اختلافن کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ سمورين ڌرين سان تعميري رابطن جي عزم تي قائم آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري اها ڳالهه بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات دوران چئي جنهن خميس ڏينهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ خصوصي ملاقات ٿي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني پاڪستان بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستن مضبوط ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ گهري واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل خدمتن، تعميرات، کاڻين جي کوٽائي، بندرگاهن جي خدمتن، تحقيق ۽ ترقي، سياحت ۽ صحت جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ڪاروباري سطح تي رابطن ۽ حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پڻ حوصلا افزائي ڪئي. صدر بحرين پاران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۽ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪرڻ ۽ علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي تسليم ڪرڻ تي پڻ ٿورا ادا ڪيا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ قابل اعتماد دفاعي حصيداري موجود آهي جنهن جو اظهار گڏيل فوجي مشقن، اعليى سطح جي مٽاسٽا ۽ اداراجاتي تعاون جي صورت ۾ ٿئي ٿو. هن افرادي قوت، لاجسٽڪس، تربيت ۽ دفاعي ساز ۽ سامان جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي جو اظهار ڪيو. صدر بحرين ۾ رهندڙ هڪ لک 34 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي بحرين پاران فراهم ڪئي ويندڙ تعاون ۽ موقعن کي پڻ ساراهيو ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت معاملن تي مسلسل تعاون جي آجيان ڪئي. علائقائي صورتحال تي ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان اعتمادسازي، اختلافن کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ سمورين ڌرين سان تعميري رابطن جي عزم تي قائم آهي. ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسى الخليفه ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه پاران صدر جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ مبارڪباد وارا پيغام پهچايا. هن چيو ته پاڪستان بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جو اجلاس انتهائي ڪارائتو رهيو جنهن ۾ گڏيل تعاون جي ڪيترن ئي اهم شعبن جو احاطو ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي بحرين جي دوري ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن تي نمايان ۽ مثبت اثر وڌا. علائقائي صورتحال تي ڳالهائيندي بحريني پرڏيهي وزير پاڪستان پاران ڌرين جي وچ ۾ ثالثي ۽ انهن کي ڳالهه ٻولهه جيم يز تي آڻڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ جرئتمنداڻي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جي قدمن سان ڪيتريون ئي انساني حياتيون بچائڻ ۾ مدد ملي. هن قران ڪريم جي انهن تعليم جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ جان کي بچائڻ پوري انسانيت کي بچائڻ آهي. هن امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جي ڪامياب مدي تي پڻ مبارڪباد ڏني. وفدن جي سطح تي ٿيندڙ اجلاس ۾ بحريني وفد ۾ پاڪستان م بحرين جو سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر، پرڏيهي وزير جي سياسي معاملن وارو صلاحڪار حمد علي المنائي، ميجر جنرل عبدالعزيز مايوف الرميحي، ڊائريڪٽر جنرل ڪريمنل انويسٽيگيسن اينڊ فرانزڪ سائنس، گهرو وزارت، شيخ حمد بن سلمان الخليفه، گهرو ۽ پرڏيهي واپار بابت اسسٽنٽ انڊر سيڪريٽري، صنعت ۽ واپار واري وزارت انجنيئر محمد مرزا العريبي، زرعي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري بلدياتي معاملا ۽ زراعت واري وزارت ۽ بحرين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو فرسٽ وائيس چيئرمين يوسف صلاح الدين ابراهيم صلاح الدين شامل هئا. پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر، اقتصادي معاملن وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا اعلى عملدار ملاقات ۾ شريڪ هئا.

مزید خبریں