اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني خميس ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. هو پاڪستان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي ملاقات، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني خميس ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. هو پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان گڏجي پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي ٽئين اجلاس جي گڏيل صدارت جي لاءِ پاڪستان آيل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بحريني پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي بحرين جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ عوامي رابطن تي قائم آهن. وزيراعظم پاڪستان ۽ بحرين جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير عبداللطيف الزياني بحرين جي قيادت پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جو پيغام پهچايو. هن گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي بحرين جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل دلچسپي جي معاملن تي مسلسل مشاورت ۽ رابطو برقرار رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. پرڏيهي وزير عبداللطيف الزياني خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي گڏيل وزارتي ڪميشن جو ٽيون اجلاس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ملاقات خوشگوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ٿي جيڪا پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي.










