ڪراچي-08آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي محنت، انساني وسيلن ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۽ سنڌ ۾ تعصب کي هٿي ڏئي رهيا آهن ۽ شهر توڙي صوبي کي تعصب جي باهه ۾ ڌڪڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ هن شهر ۾ ماڻهن جون ڳچيون رڳو ان ڪري ڪٽيون ويون ته اهي پختون، سنڌي، …
ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ تعصب کي هٿي ڏئي رهيا آهن: سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي-08آڪٽوبر (اي پي پي)سنڌ جي محنت، انساني وسيلن ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ۽ سنڌ ۾ تعصب کي هٿي ڏئي رهيا آهن ۽ شهر توڙي صوبي کي تعصب جي باهه ۾ ڌڪڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ هن شهر ۾ ماڻهن جون ڳچيون رڳو ان ڪري ڪٽيون ويون ته اهي پختون، سنڌي، پنجابي يا اردو ڳالهائيندا هئا،سنڌ جي ترقي لاءِ امن امان جو قيام لازمي آهي. سهراب ڳوٺ بزنس ڪميونٽي پاران منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي ترقي جي راهه ۾ ماضي جي بدامني وڏي رڪاوٽ رهي آهي. ڪنهن به شهر، صوبي يا ملڪ جي ترقي لاءِ امن امان جو قائم رهڻ انتهائي ضروري آهي. تقريب ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر سيد وقار مهدي، عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد، پيپلز پارٽي ضلعي اوڀر جي صدر اقبال سانڊ، سهراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين لالا رحيم، تقريب جي ميزبان حاجي نثار علي، حاجي اصغر، مولانا لطيف برني، حاجي گل شير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته حڪومت ۾ هجڻ جي حيثيت سان اسان جو فرض آهي ته عوام جا مسئلا ٻڌون ۽ انهن جي حل لاءِ عملي قدم کڻون. سهراب ڳوٺ ۾ ٽائون جي فنڊن مان ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان علائقي لاءِ اربين رپين جا ميگا منصوبا ڏنا ويا آهن ۽ هن وقت به ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته سهراب ڳوٺ جي آبادي جي مسئلن کان پاڻ به چڱيءَ ريت واقف آهيان ۽ انهن جي حل لاءِ قدم کنيا ويا آهن. علائقي ۾ پاڻي ۽ سيوريج جي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ۽ واٽر بورڊ انتظاميا سان ڳالهين جو سلسلو جاري آهي. سعيد غني چيو ته هلندڙ سال وفاقي حڪومت طرفان سمورن صوبن جي ترقياتي فنڊن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب رڳو سنڌ کي 260 ارب رپيا گهٽ مليا آهن. ان صورتحال سبب هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪا نئين ترقياتي اسڪيم رکڻ ممڪن نه آهي، تنهن هوندي به اڳ ۾ جاري سمورن منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال باوجود سهراب ڳوٺ جي آبادي جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ابوالحسن اصفهاني برج نالي هڪ اسڪيم منظور ڪئي وئي آهي. جلد ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو ۽ ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سعيد غني چيو ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ ماڻهن کي تعصب جي بنياد تي هڪ ٻئي سان وڙهايو ويندو هو. پختون، پنجابي، سنڌي يا اردو ڳالهائڻ کي بنياد بڻائي ماڻهن جون زندگيون ورتيون ويون، پر هاڻي الحمدلله صورتحال اڳ جهڙي ناهي. هن چيو ته ڪنهن به شهر، صوبي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ امن امان ضروري آهي، پر افسوس ته ماضي ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي امن کي تعصب جي بنياد تي تباهه ڪيو ويو، جنهن سبب شهر ۽ صوبي جي ترقي جو سفر پڻ رڪجي ويو. صوبائي وزير چيو ته مختلف قوميتن وچ ۾ سياسي ۽ نظرياتي اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر انهن اختلافن کي جواز بڻائي هڪ ٻئي جون ڳچيون ڪٽڻ ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي. ماضي جي اهڙين حالتن سبب ڪراچي ۽ سنڌ ۾ ترقي جو سفر متاثر ٿيو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ شهر ۽ صوبي ۾ تعصب کي هٿي ڏئي رهيا آهن ۽ ڪراچي توڙي سنڌ کي ٻيهر تعصب جي باهه ۾ ڌڪڻ جي سازش ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اسان سڀني کي گڏجي اهڙين سازشن کي نه رڳو ناڪام بڻائڻو پوندو، پر شهر ۽ صوبي جي بهتر مفاد ۾ انهن سازشن کي کليل نموني بي نقاب پڻ ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۾ رهندڙ سمورين قومن ۽ برادرين جو امن، ڀائيچارو ۽ گڏيل ترقي ئي شهر جي مستقبل جي ضمانت آهي. تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر سيد وقار مهدي چيو ته سهراب ڳوٺ جي بزنس ڪميونٽي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي، جڏهن ته ضرورت محسوس ٿي ته وفاق ۽ سينيٽ ۾ پڻ انهن مسئلن بابت آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين لالا رحيم گذريل ٽن سالن دوران علائقي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن، پر اڃا به علائقي جي عوام جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيد وقار مهدي چيو ته ايم-نائن سان ڳنڍيل سروس روڊ ۽ گرين بيلٽ جي تعمير بابت وفاقي حڪومت ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جيئن علائقي جي رهواسين ۽ ڪاروباري برادري کي بهتر سهولتون فراهم ٿي سگهن.










