اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا جاري آهن جڏهن ته صوبائي حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران لانگ مارچ ۾ مصروف آهي، صوبي جي وڏي وزير ۽ وزيرن جو ڪم وڊيوز ۽ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تائين رهجي ويو آهي، دهشتگردي خلاف وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت، سياسي پارٽيون، عوام ۽ پاڪ فوج گڏجي …
خيبرپختونخواهه حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران لانگ مارچ ۾ مصروف آهي: انجنيئر امير مقام جي پريس ڪانفرنس

مزید خبریں
اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا جاري آهن جڏهن ته صوبائي حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران لانگ مارچ ۾ مصروف آهي، صوبي جي وڏي وزير ۽ وزيرن جو ڪم وڊيوز ۽ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تائين رهجي ويو آهي، دهشتگردي خلاف وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت، سياسي پارٽيون، عوام ۽ پاڪ فوج گڏجي مقابلو ڪري سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام هن وقت سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي. صوبي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اقتدار جو ٽيون دور آهي، پر سوال اهو آهي ته هن عرصي دوران ڪهڙي تبديلي آئي آهي. وفاق ۾ به پي ٽي آءِ کي به ساڍا ٽي سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو، عوام انهن جي ڪارڪردگي ڏسي ورتي آهي. هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ حڪومت هئي ته ان وقت صوبي جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي. وڏي وزير ۽ وزيرن جو ڪم وڊيوز ۽ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ تائين رهجي ويو آهي ته جيئن پي ٽي آءِ جي باني ۽ پنهنجي پارٽي کي پنهنجي موجودگي ڏيکاري سگهن. امير مقام چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن، پر صوبي جو وڏو وزير لانگ مارچ ڪري رهيو آهي. عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ به صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، تنهن هوندي به ان جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي ۽ هو کوکلا نعرا لڳائي رهي آهي، جڏهن وڏو وزير صوبي ۾ موجود نه هوندو آهي ۽ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪندو ته گورنر، جيڪو وفاق جو نمائندو آهي، صوبي جي عوام جو حال احوال ضرور پڇندو. هن سوال ڪيو ته گورنر تي ڪهڙي ڳالهه تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 8 آڪٽوبر جي زلزلي کي وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي لاڳاپيل ادارن ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي غير سرڪاري تنظيمن اهم ڪردار ادا ڪيو هو. وفاقي وزير چيو ته لانگ مارچ جي تاريخ تي تاريخ تبديل ڪئي پئي وڃي جڏهن ته خيبر پختونخواه جا ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن جا رستا بند آهن. هن چيو ته لانگ مارچ وٺي اسلام آباد اچن پوءِ جيڪو به فيصلو ڪرڻو هوندو اهو ٿي ويندو، هڪ ڀيرو اڳتي اچن ته سهي ته جيئن خيبر پختونخواه جي عوام کي ڇوٽڪارو ملي سگهي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن کي به اها غلط فهمي نه هجڻ گهرجي ته اسلام آباد کي مفلوج ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڳالهين جي حوالي سان امير مقام چيو ته ڳالهين جي ميز تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ڌرين ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مختلف نقطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل معاهدي جا نقطا به طئي ٿيا، جڏهن ته، آخر ۾ اهو ئي ٿيو جنهن جو خدشو هو. وڏو وزير جيڪو ڪنهن ٻئي جي هدايتن تي عمل ڪري رهيو آهي، پوئتي هٽي ويو. هن چيو ته دهشتگردي جو مقابلو سڀ گڏجي ڪري سگهن ٿا. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت، سياسي پارٽيون، عوام ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج متحد ٿي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي سگهن ٿا.










