پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي)  صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، ترقياتي تعاون، دفاع، هنرمند افرادي قوت جي اچ وڃ ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو …

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي)  صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، ترقياتي تعاون، دفاع، هنرمند افرادي قوت جي اچ وڃ ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار جرمني جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سلمان شريف سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ 2026ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه کي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو ڪارائتو موقعو بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر ٻطرفو واپار ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جرمني يورپي يونين ۾ پاڪستان جي روانگي واپار جي سڀ کان وڏي منڊيءَ آهي. صدر دفاعي تعاون جاري رکڻ، پاڪستان جي التوا هيٺ درخواستن تي جلد مثبت غور ۽ هنرمند افرادي قوت جي اچ وڃ جي حوالي سان وڌيڪ تعاون تي پڻ زور ڏنو. صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهو دورو گڏيل طور تي موزون تاريخ تي ٿيندو. صدر آصف علي زرداري سلمان شريف کي نئين ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۽ جرمني جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ملاقات دوران سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ اڳوڻو وفاقي وزير سيد نويد قمر پڻ موجود هئا.

مزید خبریں