اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي گذريل ٻن سالن دوران 6 هزار کان وڌيڪ درخواستن کي اڪلائڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خميس ڏينهن صدر آصف علي زرداري کي جسٽس عرفان قادر ڪنسلٽنٽ (قانوني معاملا) 2024ع کان 2026ع دوران 6 هزار کان وڌيڪ درخواستن کي اڪلائڻ بابت ايوان صدر ۾ رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ …
صدر آصف علي زرداري کي گذريل ٻن سالن دوران 6 هزار کان وڌيڪ درخواستن کي اڪلائڻ بابت رپورٽ پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي گذريل ٻن سالن دوران 6 هزار کان وڌيڪ درخواستن کي اڪلائڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب خميس ڏينهن صدر آصف علي زرداري کي جسٽس عرفان قادر ڪنسلٽنٽ (قانوني معاملا) 2024ع کان 2026ع دوران 6 هزار کان وڌيڪ درخواستن کي اڪلائڻ بابت ايوان صدر ۾ رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ موجب 6 هزار کان وڌيڪ درخواستن جو فيصلو ڪيو ويو جيڪو درخواستن جي طريقيڪار جي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته ان عمل ۾ شفافيت تي به خاص ڌيان ڏنو ويو جڏهن ته اڪثر ڪيسن ۾ لاڳاپيل ڌرين جي موجودگي ۾ فيصلا ٻڌايا ويا. سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ ملاقات دوران موجود هو.











