اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحريني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني پاڪ بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس کانپوءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، تيل، گئس، معدنيات، سامونڊي معاملا، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، تعليم ۽ افرادي قوت ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻطرفي واپار …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحريني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني پاران پاڪ بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس کانپوءِ معاهدي تي صحيحون

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحريني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني پاڪ بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس کانپوءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، تيل، گئس، معدنيات، سامونڊي معاملا، انفارميشن ٽيڪنالاجي، صحت، تعليم ۽ افرادي قوت ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ حڪومتي سطح تي گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني پاڪستان – بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي فيصلن تي ٻڌل پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون جنهن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت ۽ غذائي تحفظ، تيل، گئس ۽ معدنيات، سامونڊي معاملا، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن، صحت، تعليم ۽ محنت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٻنهي ڌرين گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان باقاعده مشاورت، رابطن ۽ تعاون جي لاءِ حڪومتي سطح تي واپار ۽ سيڙپڪاري بابت گيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو هڪ اداراجاتي طريقيڪار جي طور تي ڪم ڪندو.











