اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي ڪاروباري ماڻهن ، هنر مندن ۽ مقامي صنعتڪارن لاءِ ايڪسپو سينٽر ڪوئٽه جو منصوبو نئين اميد بڻجي سامهون آيو آهي، 4 ارب 82 ڪروڙ 97 لک 60 هزار رپين جي لاڳت سان نظر ثاني ٿيل منصوبي ذريعي مقامي مصنوعات کي ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهنچ وڌائڻ، خريدارن سان رابطا بحال ڪرڻ ۽ ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ جو رستو کلندو. پلاننگ ڪميشن …
بلوچستان جي مقامي مصنوعات کي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ لاءِ ايڪسپو سينٽر ڪوئٽه نئين اميد بڻجي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي ڪاروباري ماڻهن ، هنر مندن ۽ مقامي صنعتڪارن لاءِ ايڪسپو سينٽر ڪوئٽه جو منصوبو نئين اميد بڻجي سامهون آيو آهي، 4 ارب 82 ڪروڙ 97 لک 60 هزار رپين جي لاڳت سان نظر ثاني ٿيل منصوبي ذريعي مقامي مصنوعات کي ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽن تائين پهنچ وڌائڻ، خريدارن سان رابطا بحال ڪرڻ ۽ ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ جو رستو کلندو. پلاننگ ڪميشن موجب بلوچستان جي صنعتڪارن، ننڍن ڪاروباري ماڻهن ۽ هنر مندن لاءِ ايڪسپو سينٽر ڪوئٽه هڪ اهم واپاري پليٽ فارم بڻجي رهيو آهي. اتي مقامي مصنوعات جي نمائش سان خريدارن سان سڌيءَ ريت رابطا ۽ نوان ڪاروباري موقعا پيدا ٿيندا . اهو منصوبو اڏام پاڪستان جي روانگي واپار ، ڪاروبار ۽ روزگار جي اهم ٿنڀ سان هم آهنگ آهي جنهن ذريعي بلوچستان جي مقامي صلاحيتن کي قومي معيشت ۽ روانگي واپار جي شعبي سان ڳنڍڻ جا نوان موقعا پيدا ٿيندا . ايڪسپو سينٽر ڪوئٽا بلوچستان جي مقامي مصنوعات لاءِ نون مارڪيٽن ۽ نون ڪاروباري موقعن طرف هڪ اهم قدم آهي .











