قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اتر وزيرستان ۾ 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين

اسلام آباد- 08 (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته فتنه الخوارج جي چئن اهم دهشتگرد ڪمانڊرن سميت 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ سان سيڪيورٽي فورسز جي پيشيور مهارت جي عڪاسي ٿئي ٿي، سيڪيورٽي فورسز وقت تي اثرائتي ڪارروائي …

اسلام آباد- 08 (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته فتنه الخوارج جي چئن اهم دهشتگرد ڪمانڊرن سميت 9 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ سان سيڪيورٽي فورسز جي پيشيور مهارت جي عڪاسي ٿئي ٿي، سيڪيورٽي فورسز وقت تي اثرائتي ڪارروائي ذريعي دهشتگردن  جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. دهشتگردن جي ٺڪاڻن  جي تباهي لاءِ ڪارروايون امن ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون. قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز  سان گڏ آهي.

مزید خبریں