اسلام آباد-08 آڪٽوبر(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي نيشنل پريس ڪلب جو دورو ڪيو، جتي هن پريس ڪلب جي نائب صدر ۽ سينيئر صحافي عثمان خان سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مرحوم جو لاڏاڻو سندس ڪٽنب لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي، والدين الله تعاليٰ جي انمول نعمت آهن ۽ انهن جو دنيا مان وڃڻ زندگي جو هڪ …
ريلوي واري وفاقي وزير جي نيشنل پريس ڪلب آمد، نائب صدر عثمان خان سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت

مزید خبریں
اسلام آباد-08 آڪٽوبر(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي نيشنل پريس ڪلب جو دورو ڪيو، جتي هن پريس ڪلب جي نائب صدر ۽ سينيئر صحافي عثمان خان سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته مرحوم جو لاڏاڻو سندس ڪٽنب لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي، والدين الله تعاليٰ جي انمول نعمت آهن ۽ انهن جو دنيا مان وڃڻ زندگي جو هڪ وڏو صدمو هوندو آهي. هن ڏکويل ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ پڻ دعا ڪئي.











