نيروبي - 08 آڪٽوبر (اي پي پي)جمهوريه ڪانگو (ڊي آر ڪانگو) جي اوڀر واري صوبي اتر ڪيوو ۾ ايبولا وائرس جي پکيڙ ضابطي کان ٻاهر ٿيڻ لڳي آهي. عالمي غير سرڪاري تنظيم ”ڊاڪٽرز وڌآئوٽ بارڊرز“خبردار ڪيو آهي ته صوبي اتر ڪيوو ۾ ملڪ جي نئين تصديق ٿيل ايبولا ڪيسن مان 40 سيڪڙو رپورٽ ٿي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته بوٽيمبو ۾ ايبولا ٽريٽمينٽ سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر اسٽيفني هوفمين مطابق …
جمهوريه ڪانگو ۾ ايبولا جي صورتحال ضابطي کان ٻاهر ٿيڻ لڳي: ڊاڪٽرز وڌآئوٽ بارڊرز

مزید خبریں
نيروبي – 08 آڪٽوبر (اي پي پي)جمهوريه ڪانگو (ڊي آر ڪانگو) جي اوڀر واري صوبي اتر ڪيوو ۾ ايبولا وائرس جي پکيڙ ضابطي کان ٻاهر ٿيڻ لڳي آهي. عالمي غير سرڪاري تنظيم ”ڊاڪٽرز وڌآئوٽ بارڊرز“خبردار ڪيو آهي ته صوبي اتر ڪيوو ۾ ملڪ جي نئين تصديق ٿيل ايبولا ڪيسن مان 40 سيڪڙو رپورٽ ٿي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته بوٽيمبو ۾ ايبولا ٽريٽمينٽ سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر اسٽيفني هوفمين مطابق اڪثر نوان ڪيسز اڳ کان سڃاڻپ ٿيل منتقلي سان ڳنڍيل ناهن. هن چيو ته ايبولا سبب اٽڪل 75 سيڪڙو فوتگيون ڪميونٽي ۾ ٿين ٿيون، يعني اهڙا مريض علاج يا منتقلي مرڪزن تائين ناهن پهچي سگهندا. ايبولا جي خوف ۽ خصوصي علاج مرڪزن بابت خدشن سبب اڪثر ماڻهو امڪاني بيماري تسليم ڪرڻ ۽ طبي امداد حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مريض گهرن ۾ رهن ٿا جتي سندن مائٽ سار سنڀال ڪندا آهن ۽ وائرس جي وڌيڪ پکيڙ جو خطرو وڌي ويندو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها وبا وائرس سبب پکڙي آهي ۽ ان کي ڊي آر ڪانگو جي تاريخ جي سڀ کان موتمار ايبولا وبا قرار ڏنو پيو وڃي. تازين رپورٽس مطابق ملڪ ۾ ايبولا جا 8 هزار 600 کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جڏهن ته 4 هزار 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.










