مشهور ڀارتي اداڪار نانا پاٽيڪر لاڏاڻو ڪري ويو

گوا - 08 آڪٽوبر(اي پي پي)هندي ۽ مراٺي سينما جو مشهور اداڪار ناناپاٽيڪر خميس تي صبح جو 75 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق هو ڀارتي رياست گوا جي علائقي ڊوناپائولا ۾ پنهنجي گهر ۾ موجود هو جتي کيس سيني ۾ سور جي شڪايت جو اطلاع ملڻ تي طبي عملي پاران سندس دل جي ڌڙڪن بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن بعد کيس …

گوا – 08 آڪٽوبر(اي پي پي)هندي ۽ مراٺي سينما جو مشهور اداڪار ناناپاٽيڪر خميس تي صبح جو 75 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق هو ڀارتي رياست گوا جي علائقي ڊوناپائولا ۾ پنهنجي گهر ۾ موجود هو جتي کيس سيني ۾ سور جي شڪايت جو اطلاع ملڻ تي طبي عملي پاران سندس دل جي ڌڙڪن بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن بعد کيس فوري اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ڊاڪٽرن جون سندس جان بچائڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون. رپورٽ مطابق ڊاڪٽرن صبح جو 5 لڳي 20 منٽن تي سندس موت جي تصديق ڪئي. ناناپاٽيڪر جي پٽ ملهار پاٽيڪر سندس فوتگي جي تصديق ڪئي آهي. واضح رهي ته ناناپاٽيڪر جو اصلي نالو وشواناٿ پاٽيڪر هو. هو پهرين جنوري 1951ع تي پيدا ٿيو. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ٿيٽر سان ڪئي. هن اٽڪل اڌ صدي تائين هندي ۽ مراٺي فلمن ۾ ڪم ڪيو. هن فلمن ۾ اداڪاري کان علاوه هدايتڪاري ۽ اسڪرين رائٽنگ جو ڪم به ڪيو. هن پنهنجي زندگي ۾ ٽي قومي فلم ايوارڊ ۽ ڪيترائي فن فيئر ايوارڊ حاصل ڪيا. هن هلندڙ سال به ايڪشن ڊراما صوبيدار ۾ ڪم ڪيو.

مزید خبریں