رياض-08 آڪٽوبر(اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت مڪه مڪرمه ۾ بغير لائسنس يافته رهائشي خدمتون فراهم ڪرڻ تي 4 عمره ڪمپنين ۽ 4 پرڏيهي ايجنٽس کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته عمره خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپنين ۽ ايجنٽس جي جاري نگراني دوران سندن خلاف ورزين کي رڪارڊ ڪيو ويو. سندن ڪيس زائرين جي شڪايت ڪميٽي …
سعودي عرب پاران رهائشي خدمتن جي خلاف ورزي تي 4 عمره ڪمپنيون، 4 پرڏيهي ايجنٽس معطل

مزید خبریں
رياض-08 آڪٽوبر(اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت مڪه مڪرمه ۾ بغير لائسنس يافته رهائشي خدمتون فراهم ڪرڻ تي 4 عمره ڪمپنين ۽ 4 پرڏيهي ايجنٽس کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزارت گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته عمره خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپنين ۽ ايجنٽس جي جاري نگراني دوران سندن خلاف ورزين کي رڪارڊ ڪيو ويو. سندن ڪيس زائرين جي شڪايت ڪميٽي ڏانهن موڪليا ويا جيڪا انهن خلاف ورزين جي جاچ ۽ امڪاني قانوني ڪارروائي تي غور ڪري رهي آهي. ان قدم جو مقصد زائرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ آهي ته عمره خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپنيون رهائش ۽ خدمتن جي معيار جي پاسداري ڪن . ان پروگرام جو مقصد حج عمره زائرين جي سفر کي وڌيڪ منظم ۽ آسان بنائڻ آهي .










