اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڊجيٽل نيشن پاڪستان جو مقصد شهرين لاءِ موثر ۽ آسان خدمتن کي يقيني بڻائڻ آهي، مستحق طبقي جي لاءِ فيول سبسڊي اسڪيم جي ڪامياب عملدرآمد ۾ ادارن جي وچ ۾ انگن اکرن جي ونڊ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڊجيٽل نيشن پاڪستان جي تحت قومي سطح جو مرڪزي ڊيٽا سينٽر حڪومتي خدمتون ۽ شهري سهولتون پهچائڻ …
ڊجيٽل نيشن پاڪستان جو مقصد شهرين لاءِ موثر ۽ آسان خدمتن کي يقيني بڻائڻ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڊجيٽل نيشن پاڪستان جو مقصد شهرين لاءِ موثر ۽ آسان خدمتن کي يقيني بڻائڻ آهي، مستحق طبقي جي لاءِ فيول سبسڊي اسڪيم جي ڪامياب عملدرآمد ۾ ادارن جي وچ ۾ انگن اکرن جي ونڊ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڊجيٽل نيشن پاڪستان جي تحت قومي سطح جو مرڪزي ڊيٽا سينٽر حڪومتي خدمتون ۽ شهري سهولتون پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. خميس جي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي وزارتن ۾ ڊجيٽل نيشن پاڪستان پروگرام کي لاڳو ڪرڻ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس منعقد ٿيو. مختلف وفاقي وزارتن پنهنجي عوامي خدمتن، ڪارڪردگي ۽ لاڳاپيل انگن اکرن جي مرڪزي ڊيٽا سينٽر ۾ فراهمي تي بريفنگ ڏني. صحت واري وفاقي وزارت سان لاڳاپيل انگن اکرن جي مرڪزي ڊيٽا سينٽر ۾ فراهمي ۽ دوائن جي معيار جي تصديق ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي استعمال تي خصوصي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڀئي وفاقي وزارتون لاڳاپيل انگن اکرن جي قومي ڊجيٽل پليٽ فارم تي فراهمي جي لاءِ بروقت ضروري قدم مڪمل ڪن. وزيراعظم چيو ته ڊجيٽل نيشن پاڪستان تحت قومي سطح جو مرڪزي ڊيٽا سينٽر حڪُومتي خدمتون ۽ شهري سهولتون پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، وفاقي وزارتن جُون ذميواريون ڪارڪردگي ۽ لاڳاپيل ڊيٽا جي مرڪزي ڊيٽا سينٽر ۾ فراهمي حڪومتي نظام کي جديد دور سان هم آهنگ ڪندو، ڊجيٽل نيشن پاڪستان جو مقصد حقيقت ۾ قومي سطح تي شهرين لاءِ موثر ۽ آسان سهُولتُون يقيني بڻائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته قومي سطح تي سڀني شعبن ۽ حڪُومتي ادارن جي مفيد ڊيٽا جي هڪ جاءِ تي فراهمي ملڪي معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي، مستحق طبقي جي لاءِ فيول سبسڊي اسڪيم تي ڪاميابي سان عملدرآمد ۾ ادارن جي وچ ۾ انگن اکرن جي ونڊ اهم ڪردار ادا ڪيو، وزارتن جي ڪارڪردگي ۽ لاڳاپيل انگن اکرن جي ڊجيٽلائيزيشن اصل ۾ ڪرپشن ۽ ادارتي بي بدنظمي جي خاتمي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، قومي سطح تي صوبائي حڪومتن جي تعاون سان يونيورسل ميڊيڪل رڪارڊ جوڙڻ جي لاءِ صحت واري وزارت پاران ساراهه جوڳا قدم کنيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ معياري دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو آر ڪوڊ لاڳو ڪرڻ تحسين لائق آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزارت سڀني لاڳاپيل وزارتن جي ڀرپُور تعاون سان لاڳاپيل ادارتي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڀرپُور قدم کڻي رهي آهي، عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي بنيادي سهُولت جي شعبن، خاص طور تي صحت، زراعت ۽ ٻين وزارتن ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو پيو وڃي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت قانون واري وزارت جي تعاون سان لاڳاپيل قومي قانونن جي هڪ جڳهه تي فراهمي جي لاءِ خصوصي ۽ موثر قدم کڻي رهي آهي ته جيئن مستقبل ۾ قانون سازي جي لاءِ بهتر رهنمائي ملي سگهي. وزيراعظم جي هدايت موجب ترجيحي شعبن جي ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي ۽ ڊجيٽل حڪومتي خدمتن، ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل عوامي سهولت جهڙن مقصدن جي تڪميل جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم سڀني وفاقي وزارتن کي صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان لاڳاپيل ڊيٽا کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ جي عمل کي مقرر مُدي جي اندر مُڪمل ڪرڻ جُون خصوصي هدايتُون ڏنيُون. اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي.










