موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي قومي ترجيحن ۾ مرڪزي حيثيت کي يقيني بڻائڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو قومي استقامت ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي آفتن تي عوام جي گڏيل ۽ همدرداڻي ردعمل کي فخر جوڳي قومي ڪردار جو حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي قومي ترجيحن ۾ مرڪزي حيثيت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار 8 آڪٽوبر 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي جي مناسبت سان ملهائجندڙ قومي استقامت ڏهاڙي جي …

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي آفتن تي عوام جي گڏيل ۽ همدرداڻي ردعمل کي فخر جوڳي قومي ڪردار جو حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت جي قومي ترجيحن ۾ مرڪزي حيثيت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار 8 آڪٽوبر 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي جي مناسبت سان ملهائجندڙ قومي استقامت ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اڄ پوري قوم عزم ۽ استقلال سان 21هون قومي استقامت ڏهاڙو ملهائيندي 8 آڪٽوبر 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي جي متاثرين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته قوم اڄ به ان غيرمعمولي تباهي جي نتيجي ۾ جانين کان محروم ٿيندڙ پنهنجي پيارن کي سوڳوار دلين سان ياد ڪري ٿي، قوم ان افسوسناڪ گهڙيءَ ۾ عوام پاران بهادري، همدرديءَ ۽ ايثار تي ٻڌل اجتماعي ردعمل کي پڻ خراج تحسين پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو انتهائي گهٽ آهي. ٻوڏ، زلزلا، لينڊ سلائيڊنگ، ٻيلن ۾ باهه لڳڻ، وبائون ۽ سموگ جهڙيون قدرتي آفتون اسان جي عزم ۽ حوصلي جي لاءِ امتحان جو سبب آهن ۽ محدود معاشي وسيلن تي وڏو بار به وجهن ٿيون. وزيراعظم چيو ته اها پاڪستان جي استقامت، عزم ۽ ثابت قدمي جي داستان آهي جو ڪيترائي ڀيرا آزمائشن ۾ اچڻ جي باوجود هر ڀيري قوم ثابت قدم رهي ۽ گذريل تجربن مان سکندي اڳتي قدرتي آفتن کي بهتر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي اڳواٽ تياري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي عزم جو مظاهرو ڪيو، ان ڏس ۾ صوبائي حڪومتن، سمورن لاڳاپيل سرڪاري ادارن، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي سان ٺوس تعاون کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن جي دوران پاڪستان جي باهمت ۽ ثابت قدم عوام جو گڏيل ۽ همدرداڻو ردعمل اسان جي قابل فخر قومي ڪردار جو حصو آهي، اهڙي طرح قومي سطح تي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل سمورن ادارن بشمول هٿياربند فوج، امدادي ۽ ريسڪيو خدمتون ۽ ملڪي ۽ عالمي انساني همدردي جي حصيدارن جون اڻٿڪ ڪوششون پڻ ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته حڪومت نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ذريعي اداراجاتي ردعمل ۾ جديد ٽيڪنالاجيز کي ٺوس ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي جن ۾ قابل اعتماد ڊيٽا تي ٻڌل تجزياتي نظام جي مدد سان وڌيڪ موثر اڳواٽ تنبيهه نظام جي جوڙجو پڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي دور ۾ استقامت رڳو هڪ چونڊ نه آهي پر لازمي گهرج بڻجي چڪي آهي، موسمياتي تبديلي جي ڪري آفتن جي شدت ۽ لاڳيتو اضافي جي ڏس ۾ اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي پنهنجي ترقياتي ترجيحن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هجي، موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ ترقي کي عوامي بنيادي ڍانچي، پاڻي ۽ غذائي تحفظ، شهري منصوبابندي، زراعت، روزگار ۽ ترقياتي سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ موثر طور تي شامل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ان ڏس ۾ ڪمزور طبقن ۽ وڌيڪ خطرن ۾ ورتل علائقن ۾ رهندڙ آبادين تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، اسان جي ترجيح واضح آهي ته خطرن جي آفت ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ ان جي نشاندهي ۽ تياري ڪئي وڃي، نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي، انساني جانين ۽ روزگار جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي عمل کي وڌيڪ فعال، موثر ۽ پائيدار بڻايو وڃي. هن چيو ته موسمياتي معلومات، سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي، جاگرافيائي انگ اکر ۽ سائنسي بنيادن تي خطرن جي ڪاٿي کي ٺوس ڪرڻ سان اڀرندڙ خطرن جي اڳواٽ نشاندهي، وقت سر فيصلاسازي، فوري قدمن ۽ انساني جانين، روزگار ۽ اهم بنيادي ڍانچي تي آفتن جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي اسان جي صلاحيت وڌيڪ مستحڪم ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته قومي استقامت ڏهاڙي 2026ع جي موقعي تي حڪومت ان قومي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ته اسان خطرن ۾ اچڻ تي ردعمل سان ٺوس اڳواٽ تياري ۽ بحالي کانپوءِ هم آهنگ پائيدار ترقي طرف وڌنداسين ته جيئن هڪ محفوظ، مضبوط ۽ موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ جي بهتر صلاحيت رکندڙ پاڪستان کي يقيني بڻائي سگهجي، الله تعالى اسان جي مخلصاڻي قومي عزم ۽ نيڪ نيت کي ڪاميابي عطا فرمائي.

مزید خبریں