گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد لاءِ پاڪستان جي ڪوششن، افغان پناهگيرن جي ميزباني ۽ امن مشن ۾ ڪردار جي ساراهه

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته گهري ۽ پيچيده جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ  جي هن دور ۾ اسلام آباد ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ هڪ اهم مرڪز طور اڀريو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن فارين سروسز اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته گهري ۽ پيچيده جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ  جي هن دور ۾ اسلام آباد ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ هڪ اهم مرڪز طور اڀريو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن فارين سروسز اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان جي دوري سان خوشي ٿي آهي، هن عظيم ملڪ جي عوام لاءِ منهنجي دل ۾ هڪ خاص مقام آهي، جڏهن مان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن تي غور ڪريان ٿو ته مون کي محسوس ٿئي ٿو ته اردو ٻولي ان ڪيفيت کي بهترين انداز ۾ بيان ڪري ٿي دل خوش ٿي وئي، گذريل سالن دوران پهرين پناهگيرن لاءِ هاءِ ڪمشنر جي حيثيت سان ۽ پوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان مون پاڪستان جو اصل چهرو ڏٺو آهي، سخاوت وارو اهو پاڪستان ڏٺو آهي جنهن شديد مشڪلاتن جي وقتن ۾ لکين پناهگيرن کي پناهه ڏني، مان ڪڏهن به وساري نٿو سگهان ته ڪهڙي طرح پاڪستاني خاندانن ۽ برادرين افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجا دروازا ۽ دليون کوليون ۽ جيڪو ڪجهه هنن وٽ هو، ڪڏهن ڪڏهن اهو به جيڪو انهن وٽ نه هو. انهن کي ورهائي ڏنو. انتونيو گوتريس چيو ته هن مزاحمت ۽ حوصلي جو اهو پاڪستان به ڏٺو آهي جنهن دهشتگردي جي چئلينجن کي منهن ڏنو، پاڪستان پاڻ دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، دهشتگردي جي حملن کان متاثر ۽ بي گهر ٿيل انهن برادرين جي جرئت ۽ يڪجهتي کي ڪڏهن به نه وساريندس، جن سان مون ڪجهه مشڪل حالتن ۾ ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هن  خاص ڪري گذريل ٻن سالن ۾ سلامتي ڪائونسل جي هڪ اهم ميمبر جي حيثيت سان امن ۽ پل ٺاهيندڙ پاڪستان کي به ڏٺو آهي، تمام گهٽ ملڪن گڏيل قومن جي امن مشنن ۾ پاڪستان کان وڌيڪ مستقل مزاجي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. نسلن کان پاڪستاني امن جٿن دنيا جي خطرناڪ ترين علائقن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، عام شهرين جو تحفظ ڪيو آهي، نازڪ امن عمل جي حمايت ڪئي آهي ۽ عالمي تعاون جي بهترين روايتن جي نمائندگي ڪئي آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر امن لاءِ پنهنجي عزم جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. گهري ۽ پيچيده جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ جي هن دور ۾ اسلام آباد ڳالهين ۽ تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ هڪ اهم مرڪز طور اڀريو آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ساراهيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ٻين اهم مسئلن، خاص ڪري موسمياتي بحران جي معاملي جي حوالي سان پڻ اڳيان آهي. 2022ع جي تباهي ڪندڙ ٻوڏ دوران منهنجو پاڪستان جو دورو هميشه منهنجي دل ۾ رهندو. هن ان کي سڀ کان سخت مون سون قرار ڏنو هو. ٻوڏ انهن علائقن کي پنهنجي گهيري ۾ ورتو هو جيڪو منهنجي پنهنجي ملڪ پرتگال جي ايراضي کان ٽيڻ تي وڌيڪ هو، ان سانحي دنيا آڏو هڪ گهري ناانصافي کي ظاهر ڪيو. پاڪستان عالمي گرين هائوس گيس جي اخراج ۾ اٽڪل هڪ سيڪڙو حصو ڏئي ٿو پر موسمياتي آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. لکين ماڻهن کي هڪ اهڙي بحران مان تباهي مچائڻ وارو نقصان برداشت ڪرڻو پيو جنهن کي پيدا ڪرڻ ۾ انهن جو ڪو به ڪردار نه هو. سيڪريٽري جنرل چيو ته مان هن سانحي دوران جن غير معمولي مردن ۽ عورتن سان منهنجي ملاقات ٿي، انهن جي انسانيت کي آئون هميشه ياد رکندس. هن چيو ته اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان پوءِ هي منهنجو نيويارڪ کان ٻاهر پهريون دورو آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾  مون دنيا جي هر خطي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جن ۾ صدر، وزيراعظم، پرڏيهي وزير، وڏين طاقتن ۽ ننڍين رياستن جا نمائندا شامل هئا. مون ڪيترائي مختلف آواز ٻڌا، پر انهن سڀني ۾ هڪ گڏيل پريشاني واضح هئي، اسان جي دنيا جي موجوده صورتحال بابت وڌندڙ پريشاني ۽ اهو احساس ته خطرا اسان جي طرفان ڳوليل حل کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اڳتي وڌي رهيا آهن، حالتون مختلف هيون، خدشا مختلف هئا، پر بنيادي مسئلا حيرت انگيز طور تي هڪجهڙا هئا ۽ مستقبل بابت غير يقيني به اٽڪل تقريبن ساڳي هئي. هن چيو ته اسان هڪ گهڻ قطبي دنيا ڏانهن وڌي رهيا آهيون، پر صرف گهڻ قطبيت استحڪام جي ضمانت نٿي ڏئي. 20 هين صدي جي شروعات ۾، يورپ پڻ هڪ گهڻ قطبي خطو هو، پر ان ۾ مضبوط ۽ اثرائتو گهڻ قطبي ادارا نه هئا. نتيجو پهرين عالمي جنگ هو. اسان جي وقت جو سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا هي دنيا ورهاست ۽ گهٽجندڙ گڏيل تعاون جي دنيا بڻجندي، جيئن اسان اڄ ڏسي رهيا آهيون؟ يا اسين هڪ اهڙي گڏيل مربوط دنيا ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪنداسين جنهن ۾ طاقت جا ڪيترائي مرڪز هجن ۽ جنهن کي اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ٽيڪنالاجي رابطن جي هڪ مضبوط ۽ وسيع نيٽ ورڪ ذريعي جوڙيو ويو هجي؟ هڪ گڏيل مربوط گهڻ رخي قطبي دنيا لاءِ ضروري آهي ته گڏيل قومن جي مرڪز ۾ هڪ اهڙي گهڻ رخي نظام موجود هجي جيڪو متوازن، نمائنده ۽ اڄ جي دنيا جي عڪاسي ڪندڙ هجي، نه وري 80 سالن پهرين جي دنيا جي پر عين ان وقت جڏهن گڏيل تعاون جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، ورهاست ۽ اختلاف تعاون کي وڌيڪ مشڪل بڻائي رهيا آهن، گهڻ رخي نظام جي چئن شعبن امن ۽ سلامتي، عدم مساوات، موسمياتي بحران ۽ فني انقلاب ۾ وڏا چئلينجز ڏسي رهيو آهيان، اچو جنگ ۽ امن جي شروعات ڪريون، تڪرارن جو انگ وڌي رهيو آهي، انساني مصيبت وڌي رهي آهي ۽ عالمي قانون کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. جيئن ته پاڪستان هن حقيقت کان چڱي طرح واقف آهي، چاهي اهو هٿياربند تڪرار هجي، دهشتگردي هجي، معاشي بحران هجي يا بي گهر هجي، ان جا اثر سرحدن تائين محدود نٿا رهن.

مزید خبریں