خيبر پختونخواهه حڪومت کي سياسي ٽڪراءُ بدران عوام جي تحفظ ۽ امن امان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) مسلسل ٽڪراءُ جي سياست تي عمل ڪري رهي آهي، سياسي پارٽين کي قومي سلامتي ۽ شهرين جي زندگين تي پنهنجي سياسي مفادن کي ترجيح ڏيڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ڏانهن پي ٽي …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) مسلسل ٽڪراءُ جي سياست تي عمل ڪري رهي آهي، سياسي پارٽين کي قومي سلامتي ۽ شهرين جي زندگين تي پنهنجي سياسي مفادن کي ترجيح ڏيڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ڏانهن پي ٽي آءِ جي بار بار مارچ ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ سياسي ٽڪراءُ کي هٿي ڏني. هن چيو ته ان رجحان جي شروعات 2014ع جي ڌرڻي کان ٿي ۽ 2022ع، 2024ع کانپوءِ 2026ع ۾ به اسلام آباد کي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻايو پيو وڃي. راڻا ثناءُ الله الزام لڳايو ته خيبر پختونخواهه حڪومت صوبي ۾ حڪمراني، عوامي مسئلن ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ بدران اسلام آباد مارچ لاءِ سرڪاري وسيلن کي استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته هڪ طرف خيبر پختونخواهه ۾ پوليس اهلڪار، سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ عام شهري دهشتگردي جي واقعن ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻئي طرف صوبائي حڪومت اسلام آباد مارچ لاءِ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جو شڪار ٿيل ماڻهو به خيبر پختونخواهه جا شهري آهن، تنهن ڪري صوبائي حڪومت کي سياسي ٽڪراءُ جي بدران عوام جي تحفظ ۽ امن امان کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. راڻا ثناءُ الله چيو ته سياسي سرگرمي آئيني حق آهي، جڏهن ته سنگين سيڪيورٽي صورتحال ۾ سرڪاري مشينري ۽ وسيلن کي سياسي ٽڪراءُ لاءِ استعمال ناقابل قبول آهي. ذاتي يا سياسي ايجنڊا کي قومي مفاد تي ترجيح ڏيڻ نه آئين ۽ نه ئي سياسي اخلاقيات مطابق آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ 4 آڪٽوبر کان احتجاج لاءِ ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به هنڌ تي ڪجهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو گڏ نه ڪري سگهي. وزيراعظم جي صلاحڪار ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته حڪومت خيبر پختونخواهه ۾ وڏي پئماني تي فوجي آپريشن جي تياري ڪري رهي آهي، جنهن سان ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستان جي موجوده دهشتگردي جي خاتمي واري پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي ۽ دهشتگردن خلاف روزانو انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا پيا وڃن. انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروائين ذريعي دهشتگرد نيٽ ورڪس جي نشاندهي، متاثر علائقن کي ڪليئر ۽ دهشتگردن جو خاتمو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ واضح ڪري چڪو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي واري جاري ڪاررواين جي نتيجي ۾ شهرين کي اندروني طور تي لڏپلاڻ نه ڪرڻي پوندي. راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ جي دهشتگردي جي خاتمي واري پاليسي بابت مشاورت کان ٻاهر رکڻ جي دعويٰ کي به غلط ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏنو. هن سياسي قوتن، خاص ڪري خيبرپختونخواهه حڪومت تي زور ڀريو ته اهي سياسي ٽڪراءُ بدران گورننس، عوامي ڀلائي ۽ سيڪيورٽي تي ڌيان ڏين. افغانستان سان لاڳاپن جي حوالي سان راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان جو هي مطالبو جائز آهي ته افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگرد سرگرمين لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان افغان اختيارين کي افغان سرزمين تان دهشتگرد حملن جا ثبوت فراهم ڪيا آهن، جنهن کي افغان اختيارين به تسليم ڪيو آهي، جڏهن ته انهن ان ڳالهه جي ضمانت نه ڏني ته انهن جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي.

مزید خبریں