اسلام آباد تي ڪاهه کي روڪڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين، گادي واري هنڌ کي ڪنهن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف واضح ۽ صاف لفظن ۾ اعلان ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت گادي واري هنڌ اسلام آباد جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻائيندي ۽ اقتدار جي شهر کي ڪنهن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته رياست پنهنجي …

اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف واضح ۽ صاف لفظن ۾ اعلان ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت گادي واري هنڌ اسلام آباد جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻائيندي ۽ اقتدار جي شهر کي ڪنهن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسلام آباد تي ڪاهه ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته رياست پنهنجي سڀني آئيني، قانوني ۽ انتظامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان جو مقابلو ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي دفاع واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ ڪوشش اها ئي آهي ته ڪنهن به انتهائي يا آخري آپشن جي طرف نه وڃڻو پوي، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو رستو نه بچيو ته پوءِ گادي واري هنڌ جي حفاظت حڪومت جو نه رڳو آئيني پر اولين قومي فرض پڻ آهي. هن چيو ته اهو بلڪل قبول نه آهي ته هر ٻن يا ٽن مهينن ۾ طالبان سان گڏجي گادي واري هنڌ تي حملي جو سلسلو شروع ڪيو وڃي. خواجه آصف چيو ته صوبائي قيادت ملڪ دشمن قوتن ۽ طالبان سان گڏجي وفاق تي حملي جي حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته طالبان پاڪستان جا کليل دشمن آهن جن جا هٿ هزارين بيگناهه پاڪستاني شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي رت سان رنڱيل آهن. دفاع واري وزير دعويٰ ڪئي ته ان مبينا ڳٺ جوڙ جا واضح ثبوت موجود آهن، ڇاڪاڻ ته خيبرپختونخواهه حڪومت جا اڳواڻ نه ته ڪڏهن دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪن ٿا ۽ نه ئي شهيدن جي جنازن ۾ وڃن ٿا ۽ نه ئي تعزيت ڪن ٿا. هن چيو ته اهي سڀ حقيقتون ظاهر ڪن ٿيون ته طالبان اصل ۾ موجوده صوبائي حڪومت جو هڪ عسڪري حصو بڻجي چڪا آهن. هن وڌيڪ خدشو ظاهر ڪيو ته خيبرپختونخواهه جي موجوده قيادت جي پرتشدد پاليسين سان خدا نه ڪري صوبي جي عليحدگي جهڙا سنگين خطرا به جنم وٺي سگهن ٿا. ڳالهين جي معطلي ۽ ناڪامي تي ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اسلام آباد تي جيترا ڀيرا چڙهائي ڪئي وئي، ان جي پويان بنيادي محرڪ تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت جي اندروني سياست رهي آهي. خيبرپختونخواهه جا حڪمران جيل ۾ بند پنهنجي باني کي خوش ڪرڻ، پنهنجي ساک برقرار رکڻ ۽ نمبر وڌائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن ته جيئن انهن جي ڪرسي ۽ وڏ وزارت محفوظ رهي سگهي. هن چيو ته صرف هڪ قيديءَ جي خوشيءَ ۽ ذاتي اقتدار بچائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڦهلائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. خواجه آصف انڪشاف ڪيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف اندر اختلاف تيز رخ اختيار ڪري چڪا آهن. پارٽي جي ڳالهين واري ٽيم ۽ قومي اسيمبلي ۾ سنجيده پارلياماني قيادت ۽ انهن جا اتحادي معاملن جو ڪو قبولڻ جوڳو ۽ پرامن سياسي حل ڳولڻ چاهين ٿا، پر صوبائي سطح تي ويٺل ماڻهو پنهنجي مفادن لاءِ تڪرار کي هوا ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته عوام ۾ ايترو سياسي شعور اچي چڪو آهي ۽ انهن جي ڏڦيڙ جي سياست کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب مان پي ٽي آءِ جا قومي اسيمبلي جا ميمبر احتجاج مان مڪمل طور تي غير حاضر رهيا ۽ صرف نمائشي ۽ فرمائشي گرفتاريون ڏنيون ويون. هن چئلينج ڪندي چيو ته سندس پنهنجي تڪ سيالڪوٽ مان ڪو هڪ به ڪارڪن هن احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيو. دفاع واري وزير چيو ته موجوده سياسي ڇڪتاڻ ڪنهن به نظريي يا عوامي خدمت جي جنگ ناهي، پر صرف پنهنجيون پنهنجيون ڪرسيون بچائڻ، اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ وفاقي ۽ صوبائي وسيلن جي لٽ مار ۾ پنهنجي پنهنجي حصي کي برقرار رکڻ جو جهيڙو آهي.

مزید خبریں