صدر پاران خانيوال مان صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مخدوم پير عارف زمان قريشي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خانيوال مان صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مخدوم پير عارف زمان قريشي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري مخدوم پير عارف زمان قريشي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي پارٽي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ قيمتي خدمتون …

اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خانيوال مان صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مخدوم پير عارف زمان قريشي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري مخدوم پير عارف زمان قريشي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم جي پارٽي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ قيمتي خدمتون وسارڻ جوڳيُون نه آهن. هن چيو ته مخدوم پير عارف زمان قريشي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان وٺي موجوده قيادت تائين پارٽي سان پنهنجي وفاداري ۽ وابستگي برقرار رکي، سندس لاڏاڻو پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. صدر چيو ته مخدوم پير عارف زمان قريشي جي پارٽي ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.

مزید خبریں