وزيراعظم پاران اتر وزيرستان ۾ فتنہ الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ

اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ فتنہ الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ ۽ انهن کي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم ڪارروائي ۾ فتنہ الخوارج جي 4 اهم ڪمانڊرن …

اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ فتنہ الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ ۽ انهن کي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم ڪارروائي ۾ فتنہ الخوارج جي 4 اهم ڪمانڊرن سميت 9 دهشتگرد مارڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اتر وزيرستان جي علائقن پلنگ زئي، نديم ڪوٽ ۽ ڪوٽ خضري ۾ فتنہ الخوارج خلاف موثر ڪارروايُون ڪيُون ويُون. فتنہ الخوارج جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جُون ڪامياب ڪارروايُون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جون عڪاس آهن. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا آفيسر ۽ جوان دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ قابل تحسين خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

مزید خبریں