اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني خميس ڏينهن هتي پرڏيهي معاملن جي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بحرين جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۾ مثبت اڳڀرائي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني خميس ڏينهن هتي پرڏيهي معاملن جي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بحرين جي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن، خاص طور تي واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپن سان گڏوگڏ گهڻ طرفن فورمن تي رابطن ذريعي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي سڀ کان وڌيڪ قابل عمل ذريعا آهن.










