صدر پاران اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي ۾ چئن اهم خارجي ڪمانڊرن سميت 9 دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ بهادري جو عڪاس آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي …

اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي ۾ چئن اهم خارجي ڪمانڊرن سميت 9 دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ بهادري جو عڪاس آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته فتنه الخوارج خلاف عزم استحڪام تحت ڪارروايُون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديُون ۽ دهشتگردن جي غير مُلڪي سرپرستن ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

مزید خبریں