اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي، شهري آبادي ۾ اضافي ۽ ماحولياتي پَستِي جي ڪري وڌندڙ ڏُکيا خطرا درپيش آهن، ان جي لاءِ آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي قومي ترقي جو لازمي جز ۽ ايندڙ نسلن جي حوالي سان پنهنجي گڏيل ذميواري سمجهڻو پوندو، عوام جي وقت کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ موثر منصوبابندي سان گڏائي …
پاڪستان کي موسمياتي تبديلي، شهري آبادي ۾ اضافي ۽ ماحولياتي پَستِي جي ڪري وڌندڙ ڏُکيا خطرا درپيش آهن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي، شهري آبادي ۾ اضافي ۽ ماحولياتي پَستِي جي ڪري وڌندڙ ڏُکيا خطرا درپيش آهن، ان جي لاءِ آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي قومي ترقي جو لازمي جز ۽ ايندڙ نسلن جي حوالي سان پنهنجي گڏيل ذميواري سمجهڻو پوندو، عوام جي وقت کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ موثر منصوبابندي سان گڏائي اسان اهڙو پاڪستان تعمير ڪري سگهون ٿا جيڪو سڀاڻي جي ڪنهن غيريقيني صورتحال جي لاءِ وڌيڪ بهتر طور تي تيار هجي. هن اها ڳالهه قومي استقامت جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 8 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر 8 آڪٽوبر 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ فوت ٿيندڙ هزارين ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هي ڏينهن انهن قيمتي جانين کي ياد ڪرڻ ۽ انهن متاثرين کي سلام پيش ڪرڻ جو موقعو آهي جن عزم ۽ حوصلي سان پنهنجون زندگيون ٻيهر تعمير ڪيون. صدر سوڳوار خاندانن ۽ انهن سمورن ماڻهن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي متاثر آبادين جي مشڪل وقت ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهيا. هن چيو ته اهو سانحو اسان جي قومي يادداشت ۾ اڄ به نقش آهي جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ ادارن پاران ڏيکاريل غيرمعمولي همدرديءَ جو جذبو، گڏيل قوت ۽ عالمي حصيدارن جي مدد پڻ اسان جي يادن جو اهم حصو آهي. صدر چيو ته ان تجربي ثابت ڪيو ته مشڪلاتن جي وقت هڪ ٻئي جي حفاظت ۽ گڏجي بحالي جي صلاحيت اسان جي سڀ کان وڏي طاقتن مان هڪ آهي، فوت ٿيندڙن کي سڀ کان بامعنى خراج عقيدت اهو ئي آهي ته ماضي جي تجربن مان سبق حاصل ڪري مستقبل ۾ انساني جانين ۽ آبادين جي بهتر تحفظ جا قدم کنيا وڃن. صدر زلزلي جي دوران يڪجهتي جي اظهار ۽ امداد تي عالمي برادري جا ٿورا ادا ڪندي سعودي عرب، آمريڪا، چين، ترڪيه، ايران، جاپان ۽ ڪيوبا سميت انهن ملڪن جي خصوصي طور تي واکاڻ ڪئي جن پاڪستان جي مدد ڪئي. هن قومي ميڊيا، فلاحي تنظيمن ۽ لاتعداد رضاڪارن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جن متاثر آبادين جي مدد جي لاءِ سرڪاري ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو. هن چيو ته انهن جو ڪردار قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ضرورتمندن جي مدد جي حوالي سان پاڪستان جي قومي تجربي جو اهم حصو آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي اڄ موسمياتي تبديلي، شهري آباديءَ ۾ اضافي ۽ ماحولياتي پَستِي جي ڪري وڌندڙ ڏُکيا خطرا درپيش آهن، ان جي لاءِ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ کي قومي ترقي جو هڪ لازمي حصو ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ اسان جي ذميواري سمجهڻ گهرجي، اسان کي هنگامي صورتحال تي ردعمل ڏيڻ بدران خطرن جي اڳ کان نشاندهي ۽ تياري طرف وڌڻو پوندو جنهن ۾ سائنسي علم، اعتماد جوڳا انگ اکر ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو ڪردار وڌيڪ وڌائڻ ضروري آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۾ نيڪسٽ جنريشن ٽيڪنالاجي (اين جي ٽي) متعارف ڪرائڻ ان رخ ۾ هڪ اهم قدم آهي، جديد تجزياتي نظام، سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي، اڳڪٿي تي ٻڌل ماڊلنگ ۽ مصنوعي ذهانت شروعاتي تنبيهه نظام کي مصبوط بڻائڻ، خطرن جي بهتر جائزي ۽ باخبر فيصلن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، اهي صلاحيتون اسان کي آفتن جي اچڻ کان اڳ بهتر تياري ۽ سانحو ٿيڻ جي صورت ۾ وڌيڪ موثر ردعمل ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. صدر چيو ته استقامت جو دارومدار حصيداري، اعتماد ۽ وسيلن کي گڏيل طور تي متحرڪ ڪرڻ جي صلاحيت تي آهي، گلوبل ريزيلينس هب علائقائي ۽ عالمي سطح تي وڌيڪ هم آهنگي ۽ رابطن جي لاءِ قومي ۽ انساني همدرديءَ بابت اهم حصيدارن کي گڏ ڪري پاڪستان جي قومي استقامت کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ ٻيو اهم قدم آهي. هن چيو ته اين جي ٽي ۽ گلوبل ريزيلينس هب پاڪستان جي ارتقا پذير قومي استقامت فريم ورڪ جي مددگار عنصرن جي طور تي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته هڪ مستحڪم ۽ بااستقامت پاڪستان جي لاءِ ترقياتي منصوبابندي ۾ خطرن ۾ گهٽتائي کي به شامل ڪرڻو پوندو، گهرن، اسڪولن، رستن ۽ بنيادي خدمتن جي منصوبابندي ۽ تعمير مستقبل جي خطرن کي نظر ۾ رکي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عام شهرين جي لاءِ ان جو مطلب محفوظ رهائش، تعليم ۽ ڪم جي جاين ۽ اهو اعتماد هوندو ته آفت جي صورت ۾ به بنيادي خدمتن جو تسلسل برقرار رهندو، شروعاتي تنبيهه، سائنسي تحقيق، فني جدت ۽ انساني امداد جي شعبن ۾ علائقائي ۽ عالمي تعاون کي پڻ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر قومي استقامت جي ڏينهن جي موقعي تي سمورن ادارن، ڪميونٽيز ۽ شهرين تي زور ڏنو ته اهي استقامت کي گڏيل قومي ذميواري سمجهن. هن چيو ته عوام جي قوت کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ موثر منصوبابندي سان گڏ ڪري اساان اهڙو پاڪستان تعمير ڪري سگهون ٿا جيڪو سڀاڻي جي غيريقيني حالتن جي لاءِ وڌيڪ بهتر طور تي تيار هجي. صدر دعا ڪئي ته الله تعالى اسان جي ڪوششن ۾ رهنمائي ۽ اسان جي پياري وطن پاڪستان ۽ ان جي عوام جي حفاظت فرمائي.










