اتر وزيرستان ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون، 18 دهشتگرد  مارجي ويا

راولپنڊي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اتر وزيرستان ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين دوران 18 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورتي ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز عزم استحڪام ويزن تحت اتر وزيرستان ۽ ڀرپاسن ۾ موثر ۽ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو. فورسز جي دهشتگردن جي چرپر تي مسلسل نظر رکيل هئي ۽ موقعو ملندي ئي انهن جي ٺڪاڻن تي فيصلائتو …

راولپنڊي- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اتر وزيرستان ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين دوران 18 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورتي ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز عزم استحڪام ويزن تحت اتر وزيرستان ۽ ڀرپاسن ۾ موثر ۽ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو. فورسز جي دهشتگردن جي چرپر تي مسلسل نظر رکيل هئي ۽ موقعو ملندي ئي انهن جي ٺڪاڻن تي فيصلائتو حملو ڪيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام تائين فورسز جو اهو عزم پوري شدت سان جاري رهندو. مستونگ ۾ آپريشن ردالفتنه 3 تحت سيڪيورتي فورسز، فتنه الهندستان خلاف ڪارروائي ڪندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. اهو آپريشن مستونگ جي علائقن سياپشت ۽ ڪلي گشتري ۾ ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ آيو آهي. علائقي ۾ ٻين امڪاني شرپسندن جي ڳولا لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

مزید خبریں