قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران اتر وزيرستان ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع تي جاري ڪيل بيان ۾ هن خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ 13 ۽ مستونگ ۾ 5 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تعريف جوڳو عمل آهي. هن …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع تي جاري ڪيل بيان ۾ هن خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ 13 ۽ مستونگ ۾ 5 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تعريف جوڳو عمل آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي ڪامياب ڪاررواين ذريعي دشمنن جي  ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. قوم کي پنهنجي بهادر فورسز تي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون تعريف جوڳيون آهن جڏهن ته قوم پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي جو خاتمو ضروري آهي. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون.

مزید خبریں