رياض-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان رت جو عطيو ڏئي ساليانو رت ڏيڻ جي قومي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رت عطيو ڪرڻ واري مهم هڪ متاثر ڪن قومي ۽ انساني پيغام آهي جيڪو سماجي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جي انهن قدمن جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن تي سعودي معاشرو قائم آهي. اهو قدم ان ڳالهه جي …
سعودي ولي عهد رت جو عطيو ڏئي سالياني قومي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي

مزید خبریں
رياض-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان رت جو عطيو ڏئي ساليانو رت ڏيڻ جي قومي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب رت عطيو ڪرڻ واري مهم هڪ متاثر ڪن قومي ۽ انساني پيغام آهي جيڪو سماجي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جي انهن قدمن جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن تي سعودي معاشرو قائم آهي. اهو قدم ان ڳالهه جي اهميت کي به اجاگر ڪري ٿو رت جو عطيو ڏيڻ هڪ عظيم انساني خدمت آهي جيڪو مريضن، ايمرجنسي جي صورتحال ، ڪينسر ، رت جي بيمارين ۽ ڳڻتي جوڳي طبي حالت ۾ مبتلا ماڻهن جي جان بچائڻ لاءِ اهم آهي. ان مهم جو مقصد باقاعدگي سان رضاڪاراڻا طور تي رت عطيو ڪرڻ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ سماجي ذميداري جو احساس اجاگر ڪرڻ آهي.










