واشنگٽن -07 آڪٽوبر (اي پي يپ ) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران کي جنگ جي خاتمي لاءِ ايٽمي رچاءَ ۾ گهٽتائي آئڻي پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب جي ڊي وينس چيو ته ڪنهن به معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ايران کي پنهنجي ايٽمي رچاءَ کي گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ اهو رڳو واعدن يا يقين ڏيارڻ تائين محدود نه هوندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران ايٽمي …
ايران کي جنگ جي خاتمي لاءِ ايٽمي رچاءُ گهٽائڻو پوندو: آمريڪي نائب صدر

مزید خبریں
واشنگٽن -07 آڪٽوبر (اي پي يپ ) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران کي جنگ جي خاتمي لاءِ ايٽمي رچاءَ ۾ گهٽتائي آئڻي پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب جي ڊي وينس چيو ته ڪنهن به معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ايران کي پنهنجي ايٽمي رچاءَ کي گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ اهو رڳو واعدن يا يقين ڏيارڻ تائين محدود نه هوندو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران ايٽمي هٿيار نٿو چاهي ته ان کي 60 سيڪڙو افزوده يورنيم جي ڪهڙي ضرورت آهي، جيڪڏهن اوهان اهو ثابت ڪرڻ چاهيو ٿا ته ائٽمي هٿيار نه ٺاهينداسين ته انتهائي افزوده گيس تيار نه ڪيو ۽ اهو هڪ بنيادي نڪتو آهي. جي ڊي وينس جو چوڻ هو ته جيڪڏهن واقعي ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ جو عزم ظاهر ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي يورينيم جي رچاءُ جي صلاحيت ۾ واضح ۽ عملي گهٽتائي ڪرڻي پوندي.










