اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ خوارجين خلاف اثرائتي ۽ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي زبردست تعريف ڪئي آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق وفاقي وزير فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ پختي عزم ۽ جرئت کي ساراهيندي چيو ته ڪارروائي دوران 5 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي ماريندڙ وطن جا بهادر سپوت قوم جا اصلي …
گهرو وزير پاران اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ خوارجين خلاف اثرائتي ۽ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي زبردست تعريف ڪئي آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق وفاقي وزير فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ پختي عزم ۽ جرئت کي ساراهيندي چيو ته ڪارروائي دوران 5 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي ماريندڙ وطن جا بهادر سپوت قوم جا اصلي هيرو آهن. هن چيو ته پوري قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت، بهادري ۽ وقت سر حڪمت عملي تي فخر آهي. محسن نقوي جو چوڻ هو ته فتنه الخوارج خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪاميابيون ۽ ڪارروائيون تعريف لائق آهن. جن شرپسندن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا. هن چٽن لفظن ۾ چيو ته ملڪ دشمن ڌرين جي خاتمي تائين آرام سان نه ويهنداسين ۽ پوري قوم شيهي جي ديوار بڻجي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.










