سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي (ايف جي اي ايڇ اي) جي مختص پلاٽن ۽ فليٽس جي شفاف ورڇ يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل قاعدا ۽ ضابطا ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ ۽ اهل ماڻهن جون فهرستون لاڳاپيل فورمز جي ويب سائيٽس تي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو …

اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي لاءِ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي (ايف جي اي ايڇ اي) جي مختص پلاٽن ۽ فليٽس جي شفاف ورڇ يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل قاعدا ۽ ضابطا ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ ۽ اهل ماڻهن جون فهرستون لاڳاپيل فورمز جي ويب سائيٽس تي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صحافين جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ذيلي ڪميٽي جون سفارشون هلندڙ جي پڄاڻي تائين پيش ڪيون وينديون. اڱاري ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر وقار مهدي جي صدارت ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر سيد وقار مهدي ۽ سينيٽر جان محمد سميت لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اسلام آباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ذيلي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزارت ذيلي ڪميٽي سان مڪمل تعاون ڪري رهي آهي ۽ معاملي تي اڳڀرائي طئي ٿيل شيڊيول موجب جاري آهي. هن ٻڌايو ته منصوبي جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته عملدرآمد هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ان پروگرام تحت درخواستون جمع ڪرائيندڙ ڪيترائي صحافي به اجلاس ۾ موجود هئا جن ذيلي ڪميٽي آڏو پنهنجا خدشا ۽ شڪايتون پيش ڪيون. ذيلي ڪميٽي انهن کي يقين ڏياريو ته انهن جي مسئلن ۽ خدشن جو وقت سر ازالو ڪيو ويندو. ذيلي ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر سيد وقار مهدي سمورين لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ۽ مقرر معيار تي پورو لهندڙ ماڻهن جون فهرستون لاڳاپيل فورمز بشمول پريس ڪلب جي ويب سائيٽس تي جاري ڪيون وڃن. هن چيو ته صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز ڏينهن رات پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏين ٿا ۽ فيلڊ ۾ فرضن جي ادائيگي دوران انهن کي درپيش مشڪلاتن کان اسان پوري طرح آگاهه آهيون. ڪنوينر وزارت جي عملدارن کي سمورا لاڳاپيل قاعدا ۽ ضابطا ذيلي ڪميٽي آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته ان معاملي کي حل ڪيو ويندو ۽ چيو ته ذيلي ڪميٽي جون سفارشون مهيني جي پڄاڻي تائين پيش ڪيون وينديون جنهن کانپوءِ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ فالو اپ اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويندو.