سنڌ سرڪار جو ويزن جديد ڪراچي جي جوڙجڪ ۽ شهري سهولتن کي هڪ مربوط نظام تحت ترقي ڏيڻ آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ جامع رٿابندي تحت ڪم ڪري رهي آهي. بنيادي ڍانچي، صنعتي ۽ واپاري رابطن، پاڻي ۽ ڊرينيج سميت ٻين شهري سهولتن جي بهتري تي توجهه ڏني پئي وڃي. پورٽ قاسم کان ايم نائن تائين لنڪ روڊ، ريڊ لائن ۽ ييلو لائن سميت …

ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ جامع رٿابندي تحت ڪم ڪري رهي آهي. بنيادي ڍانچي، صنعتي ۽ واپاري رابطن، پاڻي ۽ ڊرينيج سميت ٻين شهري سهولتن جي بهتري تي توجهه ڏني پئي وڃي. پورٽ قاسم کان ايم نائن تائين لنڪ روڊ، ريڊ لائن ۽ ييلو لائن سميت اهم منصوبن تي ڪم جاري آهي. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد تائين ايليويٽيڊ ايڪسپريس وي جهڙا منصوبا پورٽ ۽ صنعتي علائقن کي اهم شاهراهن سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ڪراچي پورٽ کان قيوم آباد ڪوريڊور جو مقصد اثرائتو رابطو قائم ڪرڻ، شهري رستن تي هيوي ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ آهي. هي منصوبو ڪراچي پورٽ کي قيوم آباد ۽ شاهراهه ڀٽو ذريعي ايم نائن ۽ ٻين اهم رستن سان ڳنڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ويزن جديد ڪراچي جي جوڙجڪ ۽ شهري سهولتن کي هڪ مربوط نظام تحت ترقي ڏيڻ آهي. ڪراچي صرف سنڌ ئي نه پر سڄي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، ان ڪري شهر جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري اصل ۾ ملڪ جي معاشي ترقي ۾ سيڙپڪاري آهي.