زراعت پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگھي جي ھڏي آھي، ھاري مضبوط ٿيندا تھ پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿيندي: گورنر سيد محمد نھال ھاشمي

ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نھال ھاشمي چيو آھي تھ زراعت پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگھي جي ھڏي آھي، پاڪستان جا ھاري مضبوط ٿيندا تھ پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿيندي. انھن خيالن جو اظھار ھن گورنر ھائوس ۾ يو بي ايل (يونائيٽڊ بينڪ لميٽيڊ) ۽ يو اي ٽي سي (يونيورسل ايگري ٽريڪٽر ڪمپني)وچ ۾ شراڪتداري جي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. …

ڪراچي- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نھال ھاشمي چيو آھي تھ زراعت پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگھي جي ھڏي آھي، پاڪستان جا ھاري مضبوط ٿيندا تھ پاڪستان جي معيشت مضبوط ٿيندي. انھن خيالن جو اظھار ھن گورنر ھائوس ۾ يو بي ايل (يونائيٽڊ بينڪ لميٽيڊ) ۽ يو اي ٽي سي (يونيورسل ايگري ٽريڪٽر ڪمپني)وچ ۾ شراڪتداري جي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر چيو تھ يو بي ايل ۽ يو اي ٽي سي جي شراڪت ھارين ۽ ٻھراڙي جي معيشت جي روشن مستقبل لاءِ اھم قدم آھي، جديد زرعي مشينري ۽ آسان فنانسنگ ھارين کي بااختيار بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي. ھن چيو تھ زرعي مشينري عمل سان پيداوار ۾ اضافو، پيداواري خرچن ۾ گھٽتائي ايندي. ھن چيو تھ يو بي ايل جي زرعي فنانسنگ ۽ يو اي ٽي سي جي ٽريڪٽر سازي جي تجربي جو امتزاج ھارين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ھن چيو تھ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آسان فنانسنگ کي وڌ ۾ وڌ ھارين تائين پھچائڻو پوندو. ھن چيو تھ مالياتي اداري ۽ صنعتي شعبي جي گڏيل سھڪار سان زرعي معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگھون ٿا.