اڳوڻي رياست خيرپور جو آخري حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

سکر- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي رياست خيرپور جو آخري حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مير علي مراد خان ٽالپر جي جنازي نماز ڪوٽ ڏيجي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪوٽ ڏيجي سميت مختلف علائقن جي سياسي، سماجي ۽ معزز شخصيتن سان گڏ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جنازي نماز مشهور عالم دين مولانا شهنشاهه حسين نقوي پڙهائي. ان موقعي تي …

سکر- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي رياست خيرپور جو آخري حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر 93 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مير علي مراد خان ٽالپر جي جنازي نماز ڪوٽ ڏيجي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪوٽ ڏيجي سميت مختلف علائقن جي سياسي، سماجي ۽ معزز شخصيتن سان گڏ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جنازي نماز مشهور عالم دين مولانا شهنشاهه حسين نقوي پڙهائي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته شهرين جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ والي رياست جي فرزند مير عباس رضا ٽالپر، مير مهدي رضا ٽالپر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آفتاب چاچڙ، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي، سيڪريٽري بورڊز اينڊ يونيورسٽيز عباس بلوچ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ، اڳوڻي سيڪريٽري زراعت محمد جعفر عباسي ۽ مير شاهنواز خان ٽالپر سميت سياسي، سماجي ۽ معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. خيرپور ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ڪوٽ ڏيجي ۽ ڪوٽ بنگلو جون بازارون بند رهنديون. بعد ۾ مير علي مراد خان ٽالپر کي ٽڪر واري بنگلي جي امام بارگاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.