لاڙڪاڻو- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن. پوليس ترجمان موجب وليد ٿاڻي جي حد آريجا روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيل آمهون سامهون ٿي پيا. مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ حبيب عرف …
لاڙڪاڻو ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن. پوليس ترجمان موجب وليد ٿاڻي جي حد آريجا روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيل آمهون سامهون ٿي پيا. مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ حبيب عرف لالو ڪلهوڙو جي نالي سان ٿي آهي. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سنگين ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي. فرار ٿيل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.










